لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو)  ٽريفڪ پوليس اهلڪارن پاران شهرين کي تنگ ڪرڻ ۽  رشوت وٺڻ وارو معاملو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان معاملي جو نوٽيس وٺندي سخت ڪارروائي ڪندي ٻنهي ٽريفڪ پوليس آفيسرن کي برطرف ڪندي انچارج ٽريفڪ جي ٻن سالن جي سروس ختم ڪري ڇڏي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪندي کين معطل ڪري پوليس لائين رپورٽ ڪري وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر کي ٽن ڏينهن اندر تفصيلي ۽ مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. انڪوائري تفصيل موجب لاڳاپيل ٽريفڪ پوليس اهلڪارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي بنا جواز شهرين کي تنگ ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ ۾ ملوث قرار ڏنو ويو. ماضيءَ ۾ اهي آفيسر اهڙن حرڪتن ۾ عادي طور ملوث رهيا آهن. انهن حقيقتن ۽ انڪوائري رپورٽ جي بنياد تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻن ٽريفڪ پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ خميسو خان ۽ جمعدار راڻو خان خلاف سخت ڪارروائي ڪندي کين نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو ۽ ٽريفڪ زون ون جي انچارج امداد شيخ جي 2 سالن جي سروس ختم ڪندي کيس وڏي سزا ڏني آهي.