لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج راجڪمار جي عدالت ۾ 20 سال اڳ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي وڪيل ڪالوني ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل حجامڪو دوڪان هلائيندڙ پورهيت عبدالرسول عرف ببلو تونيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار منظور عرف ملان تونيو کي عمرقيد ۽ 3 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڏنڊ جي رقم جوابدار مقتول جي وارثن کي ادا ڪندو جيڪا رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو. واضع رهي ته 31 جنوري 2004ع جي رات دير سان وليد ٿاڻي جي حد وڪيل ڪالوني ۾ حجامڪو ڪم ڪندڙ 22 ورهين جي پورهيت نوجوان عبدالرسول عرف ببلو ولد رسول بخش تونيو کي هٿياربندن دوڪان تي وار ٺاهڻ دوران گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ اهڙي قتل جي ايف آءِ آر مقتول نوجوان جي سئوٽ عبدالستار تنيو جي فرياد تي حد جي وليد ٿاڻي تي قمبر تعلقي جي ڳوٺ ٺوڙهي بجار واسي منظور عرف ملان تونيو سندس ٻن ڀائرن غازي خان تونيو ۽ صحبت تونيو مٿان داخل ڪرائي وئي هئي. هوڏانهن سزا بعد جوابدار کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.