قومپرست پارٽيز پ پ مخالف نئون پارلياماني اتحاد جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

0
174
قومپرست پارٽيز پ پ مخالف نئون پارلياماني اتحاد
قومپرست پارٽيز پ پ مخالف نئون پارلياماني اتحاد جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) قومپرست پارٽيز سنڌ ۾ پ پ مخالف نئون پارلياماني اتحاد جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو

ترقي پسند ھائوس تي ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، پورهيت مزاحمت تحريڪ ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا نمائنده شريڪ ٿيا

6 جماعتن جي گڏيل اجلاس ۾ اتحاد جي نالي تي به اتفاق ڪيو ويو، سنڌ جي ٻين جماعتن کي به اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي

ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي موجب مڪاني چونڊن سميت 2023ع جي عام چونڊن ۾ به ان اتحاد جي پليٽ فارم تان گڏيل طور ميدان تي لهنداسين

ڊاڪٽر قادر مگسي موجب 12 نقطن تي ٻڌل سياسي ايجنڊا تي اتفاق ٿي ويو آهي، اتحاد جي جهنڊي جي منظوري 10 مئي تي ڏني ويندي