قومي اسيمبلي ٽُٽي پوندي، نئون وزيراعظم ايندو: منظور وساڻ جون اڳڪٿيون

0
104

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ ڪو ٻيو وزيراعظم ايندو، شهباز شريف لاءِ ايندڙ 3 مهينا اهم آهن

 صوبائي اسيمبليون موجود رهنديون پر قومي اسيمبلي ٽٽي سگهي ٿي، قومي اسيمبلي ٽٽڻ بعد اليڪشن ٿي سگهي ٿي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ جون نيون اڳڪٿيون

ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي عارضي رليف مليو آهي، ڪير به خوشفهمي ۾ نه رهي

هن چيو ته هي حالتون ملڪ ۽ پي ٽي آءِ باني لاءِ سٺيون ناهن، افسوس آهي ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڪڻڪ جو اگهه نه پيو ملي، آبادگارن کي 4 هزار روپيا اگهه ملڻ گهرجي ها، ڪڻڪ اسڪينڊل جي انڪوائري دوران ذميواري نگران حڪومت تي ايندي