ڪراچي (رپورٽ: ايازبروهي) ڪراچي جي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ قطر ايئر ويز پاران مسافر کي واپسي جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تان 5 لک 75 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عبيد نالي شهري موقف اختيار ڪيو هو ته 7 آڪٽوبر تي مون کي لنڊن پهچڻو هو، جتان 3 نومبر تي منهنجي واپسي هئي، قطر ايئر ويز وارن منهنجو واپسي جو ٽڪيٽ ڪينسل ڪري ڇڏيو، مون کي نئون ٽڪيٽ 23 ڪلاڪ دير سان مليو، هڪ ڏينهن جي دير سبب مون کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ، ٻيهر هوٽل بوڪ ڪرائڻ سبب 600 يورو خرچ ڪرڻا پيا، ان موقعي تي قطر ايئر ويز جي عملدارن ٻڌايو ته ڪورونا سبب ٽڪيٽ ڪينسل ڪيا ، اسان ٽريول ايجنٽ کي ٽڪيٽ ڪينسل ٿيڻ بابت ٻڌايو هو، مسافر کي آگاهي ڏيڻ ٽريول ايجنٽ جو ڪم آهي.