قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان 8 مهينن کان اغوا ڄاڻايل ناريءَ جي گهوٽڪي جي ڪچي ۾ لوڪيشن ملڻ جو انڪشاف ٿيو، وارثن گهوٽڪي جي کينجهو پوليس تي جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، ڳوٺ هاشم راهو مان اغوا ڄاڻايل ناري ثناءَ راهو جي وارثن 20هين ڏينهن به قاضي احمد ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا، وارثن الزام هنيو ته ثناءَ راهو گهوٽڪي جي کينجهو ٿاڻي جي ڪچي واري ڳوٺ حاجي شيرمحمد لنڊ ۾ قيد آهي، ڊي ايس پي قاضي احمد زاهد حسين ميراڻي مغوي ناري جي وارث امجد راهو سان گڏ کينجهو ٿاڻي تي پهچي ڳوٺ ۾ ڪارروائيءَ لاءِ مدد طلب ڪئي پر کينجهو پوليس ناريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪارروائيءَ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ڊي ايس پي ڪارروائيءَ بنا واپس قاضي احمد موٽي آيو، ناري ثناءَ راهو جي وارثن جو الزام آهي ته سردار خالد لنڊ جا ماڻهو سندن نياڻيءَ کي اغوا ڪري ويا آهن، هوڏانهن مغوي ثناء راهو جي بازيابي لاءِ وارثن 20هين ڏينهن به ٿاڻي جي مک گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو ان دوران ڇتي نعري بازي ڪئي وئي.