قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ ٻن روڊ حادثن ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب قومي شاهراهه  تي آمري روڊ وٽ گاڏي جو  ٽڪر لڳڻ سبب درويش صفت شخص فوت ٿي ويو، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، ٻئي پاسي باءِ پاس تي تيز رفتار رڪشا ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ پڊ شريف واسي 10 مزدور سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خان محمد لغاري، بابر لغاري، ساجد لغاري، ممتاز، ذاڪر حسين خاصخيلي ، محمد جمن ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو.