اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جي بنيادي ذميواري سول انتظاميا جي آهي، پاڪ فوج کي ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪورونا صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ شهرين جي ذميواري آهي ته اهي ايس او پيز تي پابندي سان عمل ڪن، حڪومت جا صحت سان لاڳاپيل کاتا ان حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن.