فلسطين ، ڦٽ سدائين تازا هوندا آهن

0
378
ڪرڪيٽ واري ڇٽي به کسجي وئي

تل ابيت ۾ هڪ چوديواري جي پٺيان بيٺي مون ٻڌو ته ايريل شيرون گڏيل يروشليم کي يهودي عوام جو ابدي گادي وارو هنڌ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيوهو. انهي کان اڳ ۾ هو سوين پوليس آفيسرن سان گڏجي مسجد اقصيٰ ۾ هليو ويو. يهودي مدرسن ۾ موجود شاگرد “عربن جي موت” جا نعرا هڻندي تاڙيون وڄائڻ لڳا. شيرون فلسطينين جي بغاوت کي چٿڻ جي وعدي تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. مان بي بي سي طرفان اتي ٻي “انتفاده” جي ڪوريج ڪرڻ ويو هيس. هن ڀيري مان ٽيليويزن تي هڪ ٻئي وزير اعظم کي ڏسي رهيو آهيان جيڪو باهه سان کيڏي رهيو آهي.
هڪ ٻي اليڪشن، هڪ ٻيو نتيجو. بنيامن نيتن ياهو تازي چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي ۽ کيس بدعنواني ۽ فراڊ جي الزام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن هو اقتدار تان ٻاهر ٿئي ٿو ته کيس امڪاني طور جيل جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. گذريل هفتي کان هن ساڄي ڌر کي پنهنجي حمايت جو بنياد بڻائڻ لاءِ غزه ۾ هوائي حملا جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. “سيڪيورٽي جو ڦهلاءُ نيتن ياهو ۽ حماس ٻنهي جي اندروني سياسي مقصدن جي فائدي ۾ آهي.” اڳوڻي وزير دفاع ۽ هٿياربند فورس جي سربراهه موشي يالون پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهڙو اظهار ڪيو، جيڪو نيتن ياهو جو سخت ناقد آهي. مان شيخ جارج مان فلسطينين کي بيدخل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان جيڪو نئين آباد ٿيندڙ وسندين جي مستقل مهم جو تازو باب آهي. مونکي ايريل شيرون جون اهي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون جيڪي هن يروشلم ۾ مسلمانن جي مرڪز ۾ بيهي اسرائيل جهنڊو ڦڙڪائيندي چيون هيون. “هي هتي نه رهندو آهي نه ئي هڪ رات به هتي گذاري اٿس.” هڪ مقامي ماڻهو مونکي ٻڌايو “ هن کي هتي گهر رڳو اهو ٻڌائڻ لاءِ ڏنو ويو آهي ته يهودين کي يروشلم ۾ ڪٿي به رهڻ جو حق آهي ۽ اهو ته اها انهن جي مرضي آهي ته جيڪو چاهين سو ڪن.” تاريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ مان انهي ڳالهه کي سمجهان ٿو ته ڪهڙي طرح ماضي کي سڃاڻپ، اخلاقيات، وسيلن تي دعويٰ ايتري تائين جو پروپئگنڊا لاءِ ٻيهر جوڙيو ويندو آهي. يروشلم ۾ مون ڏٺو ته هتي اهو رڳو تباهي جو هٿيار بڻجي ويو آهي. اسرائيلي مرد توڙي عورتون جيڪي چشما، بلٽ پروف واسڪيٽ پايون جديد ترين مواصلات جا اوزار ۽ هٿيار کنيون فلسطيني نوجوانن جي اکين تي پٽيون ٻڌي رهيا آهن. جسم جي تلاشي لاءِ قطار ۾ بيهاري رهيا آهن، چوڪين تي ختم نه ٿيندڙ قطارون مختلف سڃاڻپ ڪارڊ ، بي دخليون ۽ بمباريون.مونکي هڪ پيرسن فلسطيني عورتون ياد اچي رهي هئي. جيڪا هڪ پوسٽ تي نوجوان اسرائيل سان ڏاڍي ڳالهائي رهي هئي۽ کيس هن جي آٽو ميٽڪ رائيفل جي به پرواهه نه هئي. “هي صدين کان اسان جي ڌرتي آهي، منهنجو والد، انهي جو والد، انهي جو به والد سڀ هتي رهندا هئا. مان پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنهن کان اجازت ڇو وٺان جتي اسان ڪيترن نسلن کان رهندڙ آهيون.؟” “اها اسان جي آهي. اها هنن کان اڳ ۾ اسان جي هئي.” مونکي بعد ۾ هڪ اسرائيلي همراهه يروشلم جي ڊائون ٽائون جي بن يهودا اسٽريٽ ۾ پڇڻ تي ٻڌايو. جتي هر طرف ڪيفي هئا ۽ فوٽ پاٿ تي موسيقار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. هر هنڌ جي هڪ تاريخ ۽ مذهبي اهميت آهي، جيڪا صدين تي ٻڌل آهي. فلسطيني يهودي، عيسائي سڀ انهي پاسي رجوع ڪن ٿا. مثال طور الاقصيٰ مسلمانن لاءِ اها جاءِ آهي جتان حضرت محمد صه جنت ڏانهن سفر شروع ڪيو. يهودي ماڻهن لاءِ اها ٽيمپل مائونٽ وانگر بي حد اهم آهي. عيسائين مطابق هي اهائي جاءِ آهي جتي حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو ۽ پوءِ زنده ڪيو ويو هو. يروشيلم جي پراڻي شهر ۾ هڪ جلوس جو رستو آهي جنهن ذريعي عيسائي زائرين حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ وارو رستو وٺي ويندا آهن. انهي کي “ويا ڊولوروسا” چيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب آهي. “غمگين طريقو ” يا “تڪليف جو رستو.” منهنجو فلسطيني مترجم مونکي چئي رهيو هو “اسين انهي کي هر روز ٻيهر جيئرو ڪندا آهيون، اسرائيلي قبضي هيٺ اسين فلسطيني مستقل طورمصيبت ۾ آهيون.اسان جي زندگي “ويا ڊولوروسا” آهي.” فلسطين جو چوڻ آهي ته انهن لاءِ “ النڪبه ” ڪڏهن ختم نه ٿيو آهي. 1948ع جي عظيم تباهي جو حوالو ڏنو، جڏهن سوين هزارين ماڻهن کي اسرائيلي اختيارن زبردستي بي دخل ڪيو هو. اسرائيل اسان جي جسم سان چنبڙيل آهي. هي نقشو صرف هڪ لائين ناهي، هر لائين اسان جي جسم تي وڍ وانگر آهي”، فلسطينين جي هڪ بزرگ خالد سيف چيو “سدائين ڦٽ تازا هوندا آهن.” مان رمله ۾ نوجوان ۽ پوڙهن فلسطينين جي هڪ جٿي سان گڏ ويهي رهيس جن مان اڪثريت ٻنهي بغاوتن جي دوران تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. سدائين ڳوڙها هوندا آهن. هنن مونکي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن خوشي ۾ جڏهن ڪير اسرائيلي جيل مان آزاد ٿي ايندو آهي ته ان جي دعوت جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ٻئي ڏينهن وري ڏک ۾، جڏهن ڪو اسرائيلي فورسز جي هٿان ماريو ويندو آهي. جدوجهد ۾ شامل نوجوان ٻڌايو ا هو اسان سڀ لڳاتار ڪندا آهيون، اسان جنازن جو بندوبست ڪندا آهيون. مون اڳ ۾ فلسطيني شاعر محمود درويش جي باري ۾ نه ٻڌو هو پر هن جي شاعري فلسطين جي هر هنڌ هئي. هنن هن جون لائينون پڙهيون، جيڪي مون لکيون پر پوءِ وڃائجيويون بعد ۾ اهي انٽرنيٽ تان هٿ ڪري ورتيون. “وڻن کان هنن جا نالا نه پڇو. وادين کان نه پڇو ته سندن ماءُ ڪير آهي، سڀني ماڻهن جون دليون منهنجون سڃاڻپ آهن. سو منهنجو پاسپورٽ کڻي وڃو.” 1993-1987 جي پهرين “انتفاده” دوران شاعري ۽ ٿيٽر کي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ ڳنڍڻ جي ذريعي طور استعمال ڪيو ويو. فنڪار آزادي جي تحريڪ جو لازمي حصو ٿي ويا هئا. گهڻن ماڻهن کي قيد ۽ جلاوطن ڪيو ويو پر منهنجي دوري دوران هڪ نئين پيشرفت واضح طور مضبوطي حاصل ڪري رهي هئي. ويڙهاڪن جي جدوجهد اڀري رهي هئي. جيڪي مذهبي ڍانچي ۾ ڪم ڪري رهياهئا. حماس عروج حاصل ڪري رهي هئي. ياسر عرفات جو گروپ الفتح ڪمزور ٿي رهيو هو. آءِ ڊي ايف جو عرفات کي گهيرو ۽ کيس رملا ۾ قيد ڪرڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت هو، انهي دوران اسرائيلي وسندين ۾ خودڪش ڌماڪا شروع ٿي چڪا هئا. فلسطيني ويڙهاڪن اسرائيلي نوجوانن جي ڪيفي ۽ نائيٽ ڪلبن جي هنڌن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ عام شهري ماريا ويا ۽ اسرائيل فورسز وري بي رحماڻيون انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.تشدد، عدم تشدد ۽ عالمي طاقتن جي مداخلت تي ڀاڙڻ وارين ٽنهي قسم جي جدوجهد جي مختلف مرحلن ۾ به فلسطينن کي ڪا ڪاميابي نه ملي سگهي. ايئن ٿو لڳي ته نوجوانن هاڻي هڪ ٻيو روپ اختيار ڪيو آهي، هاڻوڪو تڪرار انهي حد تي پهچي چڪو آهي جيڪو 20 سال پهريان ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. فلسطيني نوجوان هاڻي اسرائيلي ٽينڪن تي پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي فون تي ريڪارڊ ٿيل وڊيوز ۽ ٻين ثبوتن تي ڀاڙي رهيا آهن. هو رياست جي ٻٽي پاليسي ڏانهن اشارو ڪندي پنهنجي بيانيي جي زبان تبديل ڪري رهيا آهن، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن ٽين “انتفاده” جي اڻ اعلانيل شروعات ٿي چڪي آهي. مرڪزي قيادت کانسواءِ ڪنهن به تحريڪ جو جاري رهڻ خطري کان خالي ناهي هوندو. فلسطيني ورهايل ۽ الڳ الڳ آهن. فتح جيڪا اولهه ڪناري تي حڪمراني ڪري ٿي انهي کي بين الاقوامي طور ڄاتو وڃي ٿو پر عرفات کانپوءِ انهي جو قد ڪاٺ بونو ٿي ويو آهي. غزه جي پٽي جيڪا اسرائيلي حملن جي نشاني تي آهي اها حماس جي اقتدار هيٺ آهي. اسرائيل جي هر جارحيت کان پوءِ حماس کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي. جنهن کي پوءِ اسرائيلي پنهنجي طاقت جي استعمال جي جواز طور پيش ڪندا آهن. جڏهن مان پنهنجي سفر ڏانهن موٽان ٿو ته تڏهن به انهي وقت امن نظر نه ايندو هو ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر اچي ٿو. ٻه رياستي حل جيترو سٺو آهي، اسرائيلي قبضا برقرار هجڻ سبب اوترو ئي مردار آهي. اولهه ڪناري ۽ اوڀر يروشلم ۾ آباد ٿيندڙ يهودي آبادڪارن ۾ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته فلسطينين کي زوري بي دخل ڪرڻ جي عمل جاري آهي. امتيازي قانون، جيئن الڳ نمبر پليٽون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، يهودي وسندين ۽ فلسطيني پاڙن ۾ خاردار تارن جا لوڙها ۽ هاڻي 25 فوٽ اوچي ديوار اسرائيل جي شهرن کي اولهه جي ڪناري کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.
مون کي والاريل مقدس ڌرتي جو دورو ڪندي 20 سال ٿي چڪا آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ ۽ ڌرتي وري جنگ جو ميدان هئڻ تي مان محمود درويش جي شاعري ۾ پناهه وٺان ٿو.
“هي پهاڙين جي چوٽين تي شام جي وقت ۽ توپن جي سامهون،وکريل ڇانو جي باغن جي ويجهو اسان اهو ئي ڪندا آهيون جيڪو قيدي ڪندا آهن. اسان اميد پيدا ڪندا آهيون.”