غوثپور ۾ اغوا ٿيل 3 واپاري بازياب نه ٿيا، اڄ ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال

0
17

غوثپور ۾ 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 3 واپاري بازياب نه ٿيا، اڄ ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئيوئي، ڪاروبار بند رهيو

هندو برادري ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي ڪاروبار مڪمل طور بند رکيو ويو

 2 ڏينهن اڳ نتيش ڪمار، سندس ڀائيٽي سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي کي مين انڊس هاءِ وي قمبراڻي لاڙو وٽان ڪار مان لاهي اغوا ڪيو ويو هو

 مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جيڪو عمل ڳڻتي جوڳو آهي

مغوين جي بازيابي ۽ شهر ۾ امن جي بحاليءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي