ميونخ(انٽريسٽنگ نيوز) جرمن ميوزم جي هڪ اڳوڻي ملازم کي تازو ڪيترن ئي پينٽنگز کي جعلي ڪاپين سان تبديل ڪري اصلي پينٽنگز کي کپائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، ميڊيا رپورٽس موجب جرمني جي پرائيويسي جي سخت قانونن سخبب ميونخ ۾ ڊوئچز ميوزم جي 30 سالن جي اڳوڻي ملازم جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو.  پر اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن گهٽ ۾ گهٽ 4 قيمتي پينٽنگز کي ڪاپين ۾ تبديل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2016- 2018 جي مدي ۾ ملازم آرٽ جي فن پارن کي نيلامين ۾ کپايو، هن ملندڙ ڏوڪڙ عياشين تي اڏايا ڪڏهن مهانگي گاڏي ورتي ته ڪڏهن مهانگائي گهڙي وٺي پاتي، عدالت ۾ اڳوڻي ملازم پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته اسٽوريج رومز تائين پهچ جي موقعي مان فائدو ورتو ۽ قيمتي ثقافتي اثاثا فروخت ڪيا ته جيئن پنهنجي زندگي کي اعليٰ معيار جي بڻائي سگهان.