عوام کي اپيل آهي ته مٿانهين علائقن ڏانهن رخ نه ڪن: فواد چوڌري

0
251
شاهه زين بگٽي سڀاڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو مٿانهين علائقن جو رخ نه ڪن

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مري ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهن جو وڏو انگ اچي وڃي رهيو آهي ۽ لکين گاڏيون انهن علائقن ڏانهن وڃي رهيون آهن

هن چيو ته مقامي انتظاميا لاءِ ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو اڃا تائين گهرن ۾ آهن انهن کي گذارش آهي ته مٿانهين علائقن جي دوري جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏن

ھي به پڙھندا

مري ۾ شديد برفباري، 16 کان 19 سياح گاڏين ۾ اجل جو شڪار، شھر آفت سٽيل قرار