عمرڪوٽ(ن پ ا) ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم تي عمرڪوٽ جي مختيارڪار آصف علي عمراڻي تپيدارن جي ٽيم سان گڏجي ڇور روڊ تي سونهارو درس پمپ ڀرسان سروي زمين وزٽ ڪري زمين جا نشان هڻائي زمين جي مالڪي دعويدار درخواستگذار ابراهيم راڄڙ جي حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻي پاسي ٻه ڌرين پاران زمين جي مالڪي جي دعوا ڪئي آهي، زمين جي دعوا ڪندڙ نورحسن کوسو چيو ته هي روڊ سان لڳو لڳ زمين منهنجي آهي ابراهيم راڄڙ کي منهنجي برادري جي ماڻهن 2 ايڪڙ 12 گهنٽا زمين وڪرو ڪري ڏني هئي، جيڪا ڇور جي پراڻي روڊ سان لڳو لڳ آهي، هن وقت نئون روڊ جتان نڪري ٿو اتي منهنجي سروي زمين آهي مختيارڪار ۽ تپيدار ڪورٽ ۾ غلط بياني ڪري رهيا آهن، ٻي پاسي زمين ۾ گهر اڏي ويٺل ڪولهي برادري جي عورتن چيو ته هي 2 ايڪڙ 12 گھنٽا زمين اسان منصور کوسي کان ورتي آهي جنهن جي ڪجھه رقم ڏني آهي، ڪجهه رقم بقايا رهيل آهي جيڪو به جلد فائنل ڪنداسين، ابراهيم راڄڙ ايترا ڏينهن ظاهر ڪونه هو اڄ روينيو جي ٽيم سان گڏ اسان جي گهرن ۾ گهڙي نشان هڻي ويا آهن ۽ اسان کي لڏڻ جو چيو ويو آهي پر اسان هرگز زمين خالي نه ڪنداسين، زمين اسان پاڻ ۾ چندو ڪري خريد ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن زمين جي دعوا ڪندڙ ابراهيم راڄڙ جو چوڻ هو ته هي زمين مون منصور کوسو کان پنج ڪروڙ ۾ خريد ڪئي آهي جنهن جو مون وٽ کاتو به موجود آهي، مون ڪورٽ ذريعي زمين آجي ڪرائي آهي مختيارڪار عمرڪوٽ ڪورٽ جي حڪم تي مون کي نشان هڻي زمين ڏياري آهي