عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) آل سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميگها ايونٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ فائنل کٽي ورتو. فائنل ۾ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ مقرر اوورن ۾ 250 رنز جو حدف ڏنو، انور علي 5 ڇڪا ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 74 رنز ٺاهيون، افضل 4 ڇڪا ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 39، خرم منظور 29 ۽ سلمان ڀنڀرو 34 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن ته ڪوٽڙي طرفان وسيم علي 3 ۽  اعجاز علي شاھ 2 وڪيٽون ورتيون. ڪمبائينڊ ڪلب ڪوٽڙي جي ٽيم 21 اوور ۾ 210 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، ارسلان فرزند 53، احمد حسن 31 ۽ ڄام سيف الله 24 رنز ٺاهي سگهيا، عمرڪوٽ طرفان انور علي، عاطف مقبول ۽ فواد خان 2_2 وڪيٽون ورتيون. خالد سراج سومرو پاران ونر ٽيم جي ڪپتان محمد سميع کي هڪ لک ڪيش انعام ۽ ونر ٽرافي ڏني، جڏهن ته رنر ٽيم جي ڪپتان اڪمل کي پنجاھ هزار رپيا ڪيش ۽ رنر ٽرافي سان نوازيو ويو، پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين بولنگ ڪرڻ تي ڄام سيف الله کي بيسٽ بالر جو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ ٽورنامينٽ ۾ بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي سليمان ڀنڀرو کي ايوارڊ ڏنو ويو، اهڙي طرح مين آف دي ميچ قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر انور علي کي ڏنو ويو،