عمرڪوٽ: بازياب ڪرايل 32هارين مٿان عدالت کي گمراهه ڪرڻ تي ڏنڊ

0
229

عمرڪوٽ (رپورٽر) راڌها ڪولهڻ جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري ۽ نبي سر پوليس ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 32 هارين کي بازياب ڪرايو

پوليس هارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي درخواستگذار جو چوڻ هو ته اسان کي رات زميندار علي گل خاصخيلي جي پٽن تشدد ڪيو ۽ اڄ ڪورٽ ۾ پيش ٿياسين ته پوليس تشدد ڪيو، عدالت هارين مٿان عدالت کي گمراهه ڪرڻ تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.