عمرڪوٽ (رپورٽر) احساس ڪفالت سينٽر تي رقم ۾ ڪٽوتي ڪندڙ 16 ڊوائيس مالڪن جي ضمانت رد، جوابدار گرفتار. عمرڪوٽ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي آيل رقم جي پئسن مان ڪٽوتي ڪرڻ جو 17 ڊوائيس مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جن جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست کي فرسٽ اينڊ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت رد ڪري ڇڏي، جڏھن ته ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس ڪيس ۾ نامزد ٿيل 16 ڄڻن رميش ڪمار، مدن لال، جگو مل، راجيش، جاويد، ربنواز، ڀمرو، آفتاب منڱڻھار، آصف منڱڻھار، محمد رحيم، سھنتو، راج ڪمار، جڳديش ڪمار سميت ٻين کي گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته ھڪ ڄڻو ڀڳڙو مل اڳ ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل آھي. واضع رھي ته احساس ڪفالت پروگرام جي ڪٽوتي ڪندڙ 17 ڊوائيس مالڪن خلاف احساس ڪفالت پروگرام جي شڪايت سيل جي انچارج ڀليڏنو ساند جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.