اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته وزيراعظم جي تقرير ٻڌي ڏک ٿيو آهي، ان پاران اختيار ڪيل لهجو وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل شخص جي شان وٽان ناهي، الله تعاليٰ ڪنهن کي وزيراعظم جهڙو منصب عطا ڪري ته کيس بازاري زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم کي معلوم هجڻ گهرجي ته گار جو جواب گار ۾ ايندو آهي، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي  پوندي آهي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان بابت به غلط زبان استعمال ڪئي وئي، بندوق جي نشاني تي هجڻ جون ڳالهيون ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي، بلاول ڀٽو جي اردو سڄي پاڪستان کي سمجهه ۾ اچي ٿي.  شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان چوي پيو ته زرداري بندوق جي نوڪ تي آهي ته پوءِ ڇا عمران ٽارگيٽ ڪلر بڻجي ويو آهي؟ هن چيو ته لڳي ٿو ته هڪ زرداري پوري حڪومت تي ڀاري پئجي ويو آهي.