عمران خان جي 9 ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور 

0
277
عمران خان جي 9 ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور 
عمران خان جي 9 ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي 9 ڪيسز ۾ گرفتاريءَ کان اڳ حفاظتي ضمانت منظور  ڪري ڇڏي

عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي 7 ڪيسز ۾ 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، جڏهن ته  کيس ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو

پي ٽي آءِ چيئرمين کي بلٽ پروف شيلڊز جي پهري هيٺ وهيل چيئر سوڌو عدالت ۾ پهچايو ويو

عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جن ماڻهن مان حياتيءَ کي خطرو آهي، انهن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن شخص مان خطرو آهي اهو نگران حڪومت هلائي رهيو آهي

هن چيو ته بلاول جي ڀارت ياترا ۾ ڪشمير ايجنڊا تي شامل نه آهي، آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا

 لاهور مان اسلام آباد روانگي وقت پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته مون کي ڪنهن تنظيم نه پر هڪ شخص مان خطرو آهي، وزيرآباد کانپوءِ 18 مارچ تي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ مون کي قتل ڪرڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي

هي به پڙهندا

عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو