عدالت پاران اسٽاف نرس لاءِ امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ جو حڪم

0
182

ورسٽي جي هائوسنگ سوسائيٽي تي قبضو: سيڪريٽري کان جواب طلب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عدالت پاران اسٽاف نرس لاءِ امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت پاران 2020ع ۾  اسٽاف نرس لاءِ لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 14  اميدوارن جي داخل درخواست تي کانئن  انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سانگهڙ، بدين، شهيد بينظير آباد سميت  مختلف ضلعن جي امتحان پاس ڪندڙ  اميدوارن درخواست داخل ڪرائي هئي

موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2019دوران صحت کاتي ايس پي ايس  ذريعي اسٽاف نرس لاءِ 1096پوسٽن تي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو هو

اميدوارن موجب ڀرتي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾  فارم جمع ڪرائي  لکت وارو امتحان ڏنو  جنهن ۾ پاس ٿياسين

ايس پي ايس سي پنهنجا نوازي ۽ سياسي  مداخلت سبب ميرٽ جي لتاڙ ڪندي اسان  کان انٽرويو وٺڻ کان انڪار ڪيو

وڪيل موجب هزارين اسٽاف نرسز ڪووڊ دوران2سال سنڌ  جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪانٽريڪٽ  تي  خدمتون سرانجام ڏنيون