جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ 16 ڏينهن اڳ پوليس پاران کنڀيل نوجوان عدالتي ڇاپي ۾ بازياب ٿيڻ بعد ٻيھر ڀاءُ سميت کنڀجي ويو، خبر موجب خانپور بنگلاڻي واسي نوجوان ميرل بنگلاڻي 16 ڏينهن اڳ پوليس ھٿان کنڀجي ويو هو، جنهن جي ڀاءُ رسول بخش بنگلاڻي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي جنھن بعد عدالتي ڇاپي ۾ نوجوان کي ھڪ ڏينھن اڳ دوداپور ٿاڻي مان بازياب ڪرايو ويو هو، جڏھن ته عدالت پاران ايس ايڇ او دوداپور ۽ ايس ايڇ او ڪريم بخش مٿان نوجوان کي کنڀڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ان ڏس ۾ پوليس ٻيھر نوجوان ميرل بنگلاڻي ۽ درخواستگذار ڀاءُ رسول بخش بنگلاڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.