عام ماڻهو جي زندگي حڪمرانن لاءِ ڇو اهم ناهي ؟

0
321
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عام ماڻهو جي زندگي سان لاڳاپيل جيڪي به معاملا آهن اهي حڪمرانن جي اوليتن تي ڪڏهن رهيا ئي ناهن ،جڏهن به ڪو وڏو حادثو ٿيندو آهي ته حڪمران رڳو ان جي ردعمل کان بچڻ لاءِ نوٽيس ته وٺندا آهن پر اهڙن حادثن کي روڪڻ يا عام ماڻهو جي زندگين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي به اثرائتا يا پائيدار قدم نه کڻندا آهن جنهن ڪري هر روز نوان سور عوام سامهون اچي بيهندا آهن ڪڏهن ڪو خاندان جو خاندان اجڙي ويندوآهي ته ڪڏهن ڪو گهر تباهه ٿي ويندو آهي جنهن سان اخبارون روز ڀريون پيون هونديون آهن.روڊ حادثن ۾ اڄ به ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ ايترا ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن جيتريون ڪنهن جنگ ورتل ملڪ ۾ به حياتيون ضايع نه ٿينديون هجن پر اسان وٽ حڪمران انهي پاسي سوچڻ لاءِ تيار ئي ناهن جنهن ڪري اهڙا روڊ حادثا معمول بڻيل آهن.
روهڙي ويجهو به ٻه ڏينهن اڳ هڪ اهڙو ئي هنيانءُ ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آهي جيڪو سرڪار کان ته شايد وسري وڃي پر انهي حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهن جا رشتيدار گهر ڀاتي ۽ خاندا ن وارا يا اهي عام ماڻهو جيڪي سنڌ جي ظالم روڊن تي سفر ڪن ٿا اهي ڪڏهن به وساري نه سگهن. روهڙي نيشنل هاءِ تي پنجاب کان ڪراچي مسافر کڻي ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن، رمضان مهيني ۾ ڪراچي کان پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ پنهنجن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته پنهنجن سان عيد ملهائڻ بعد هُو ڪراچي پهچڻ کان اڳ ئي سنڌ جي ظالم روڊ رستن تي هلندڙ مسافرن ڪوچن ۾ ئي ڊرائيورن ۽ سرڪار جي گڏيل غفلت سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا. صوبي ۾ روڊ حادثن ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي پئي وڃي، ڪراچي کان ڪشمور تائين جا روڊ رستا انساني حياتيون وڃائيندڙ روڊ بڻجي ويا آهن، پر اهو سڀني ڏٺو ۽ ٻُڌو هوندو ته حڪومتون ۽ لاڳاپيل انتظاميا اهڙن ڀيانڪ روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ ڪا مستقل حڪمت عملي جوڙڻ بجاءِ رڳو حادثي واري ڏينهن نوٽيس وٺندي آهي ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ ۽ زخمين جي بهتر علاج جون هدايتون جاري ڪري ڄڻ پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏيندي آهي !جيڪڏهن ان کان وڌيڪ ڪجهه ٿيو ته اهو رڳو ايترو ته ان حادثي جي جاچ شروع ڪئي ويندي آهي جنهن جون رپورٽون به معمولي معاملن جيان رديءَ جي ٽوڪري حوالي ٿي وينديون آهن ۽ ذميوار هر قِسم جي ڪارروائين کان آجا ئي رهندا آهن. اهڙي لاپرواهي سبب روزانو هزارين ماڻهو ٽرانسپورٽرن جي رحم ڪرم تي جيڪي سفر ڪن ٿا ڄڻ ته اهي موت جي رستي تي سفر ڪري رهيا هوندا آهن. سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ وارو کاتو به غفلت جو سِڌي ريت ذميوار آهي، روڊ رستن تي روزانو هزارين حياتين سان کيڏندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي فٽنيس چيڪنگ جو ڄڻ ته ٽرانسپورٽ کاتي وٽ نظام ئي موجود ناهي، رڳو رشوت عيوض ڊگھي روٽس تي هلندڙ ڪٻاڙ جهڙين گاڏين کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪڏهن ٽاءِ راڊ ٽُٽڻ ته ڪڏهن ٻين خرابين جي ڪري گاڏين سان وڏا وڏا حادثا پيش اچن ٿا،انهي کانسواءِ روڊن رستن جي مرمت وارو ڪم به اڌورو هوندو آهي اهم روڊ ن تي به هنڌان هنڌان کڏا هوندا آهن جيڪي به حادثن جو سبب بڻجن ٿا انهي کانسواءِ جيڪي گاڏيون سيکڙاٽ ڊرائيور هلائين ٿا انهن کان ڪو پڇڻ آکڻ واروبه ناهي .
اسان سمجهون ٿا ته ٻين قانون جيان ٽريفڪ قانون ،گاڏين جي فٽنيس سرٽيفيڪيٽ قانون سميت سڀ قانون بهتر ٺهيل آهن پر اصل ۾ انهن قانونن تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي جنهن سان ئي حادثن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي ۽ پنهنجي ٺاهيل قانونن تي عمل درآمد ڪرائڻ جو جائزو وٺڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي جيڪڏهن قانون تي عمل نه ٿو ٿئي ته لاڳاپيل انتظاميا خلاف ڪارروائي به صوبائي حڪومت جو ڪم آهي.