طوفان ٽري ويو، وسڪارن شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا: بازارون تلاءُ ۾ تبديل

0
359

 

طوفاني وسڪارن سنڌ جي ساحلي پٽي ۽ ٻين علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، مٽياري، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جاري آهي، جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب انتظاميا تي تنقيد پڻ ڪئي پئي وڃي

بدين شهر، ڪڍڻ، سيراڻي، ٻهڊمي، احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، کوسڪي، نندو، ٽنڊو باگو ۽ شادي لارج سميت ساحلي پٽيءَ جي سوين ڳوٺن ۾  مينهن وسيو آهي

ماتلي ۽  ڪنري ۾ گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل برسات ٻئي ڏينهن به جاري آهي، نئون ڪوٽ ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو جاري رهڻ سبب شهرين ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي

ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ڪٿي تيز  ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي، ڊگهڙي شهر ۽ ڀر پاسي جي علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو آهي

ٽنڊو غلام حيدر ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ملڪاڻي شريف ۾ بجليءَ جا 4 کنڀا ڪرڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي  ڪاٽا ٿي وئي

ٻئي پاسي طوفان جي اثرن سبب ٺٽو ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، ٺٽي شهر ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات سبب شاهي بازار ٻڏي وئي، ڪارو ٺپ ٿي ويو

ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، ڳاڙهو، جوهو، ڌانڌاري، سڄڻ واري ٻگهاڻ، گهوڙا ٻاري ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو جاري آهي، ڪوٽ غلام محمد، ڪوٽ ميرس، ڏهون ميل ڊينگاڻ ڀرڳڙي، ڊينگاڻ رستي ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جاري آهي

چيلهار ۽ ڇاڇرو سميت ٿر جي ٻهراڙين ۾ به طوفاني برسات پئي آهي، ڇاڇرو جي مبارڪ رند شهر ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ڏيپلو شهر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

نيو سعيد آباد، نبي سر روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات سبب پاڻي بيهجي ويو، ساحلي علائقن ۾ طوفان جي خدشي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا

هي به پڙهندا

طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو