صحت کاتي جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج

0
268
صحت کاتي جا ملازم

ڪراچي (نمائندن وٽان) صحت کاتي جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن، مختلف شهرن ۾ اسپتالن جو او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪراچي، لاڙڪانو، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، ٺٽو، بدين، ڏرھيڪي، مدئجي ۽ ٻين شھرن ۾ ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب مريض رُلي ويا

ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، دادو، خيرپور ۾ مظاهرا جاري آھن، ڏهرڪي، مدئجي، چمبڙ، پڊعيدن ۾ به احتجاج، ميروخان ۾ صوبائي وزير جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

ملازمن طرفان رِسڪ الائونس، ڊينٽل ڊاڪٽرز جون سيٽون وڌائڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ

پرامن صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، حڪومت ظلم ڪري رھي آھي، اسان جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد ۽ تذليل: 9 گرفتار

صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد خلاف سڄي سنڌ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ