شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سنجراڻي پاڙي ۾ رات دير سان چورن مزاحمت ڪرڻ تي پيرسن گھر ڌڻي شمن سنجراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن موجب، چور گھر ۾ گھڙي چوري ڪري رھيا ھئا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيو، مزاحمت ڪرڻ تي چور ڏنڊا ھڻي کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هنن اپيل ڪئي ته چورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي وارثن کان تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري، پوليس جو چوڻ هو واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.