شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور جي ٺارو پور پاڙي ۾ پنج سال جي عائشه ڌيءُ الله ڏنو چانڊيو کيڏڻ دوران گٽر ۾ ڪري پئي، جنھن کي وارثن ۽ پاڙيوارن ھڪ ڪلاڪ بعد گٽر مان ڪڍي بيھوشي جي حالت ۾ آر بي يو ٽي سول اسپتال کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏيڻ تي وارث نينگري کي رڪشي تي کڻائي آيا نينگري جي  وارثن  روڊ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور انتظاميا جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي نينگري جي وارثن ۽ محلي واسين چيو ته اڳ ۾ به اسان جا معصوم ٻچڙا ھنن گٽرن ۾ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿيا آھن ھنن چيو ته ميونسيپل انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا کليل گٽرن جي شڪايت ڪئي وئي ھئي پر ڪنھن ھڪ به نه ٻڌي ھنن دانھيو ته ميونسيپل ڪاميٽي جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻڏي فوت ٿي ويل ٻارڙي جي مڙھ کي ضروري ڪاروائي بعد سندس امڙ رڪشي تي رڪي روئيندي گھر کڻائي وئي لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.