شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج سب ڊويزن جي پڇڙيءَ ۾ پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، آبادگارن پاران احتجاج جو اعلان. تفصيل موجب شادي لارج جي پڇڙيءَ وارين شاخن دبڻي مائنر ۽ شادي لارج واھ ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب پوکائي وارو عمل متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. آبادگارن عزيز ڏيرو، تجمل خان، امان الله پٺاڻ، حاجي نظير آرائين ۽ ٻين احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيڊا چيئرمين، آبپاشي انجنئير ۽ ماتحت عملدارن جي ڳٺجوڙ سان اسان جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪتيءَ جي فصلن جي پوکائي شروع ٿيڻ شرط آبپاشي انجنئير ۽ عملدار واٽر ڪورس ٽوڙائي وڏي رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جي خلاف جلد شادي لارج ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو جلد نوٽيس وٺي ڪرپٽ عملدارن خلاف ايڪشن کنيو وڃي. ٻئي طرف پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او فياض قمبراڻي جو چوڻ هو ته .پاڻيءَ جي کوٽ مٿان کان پيدا ٿي آهي، ڪوشش ڪيون پيا، صورتحال بهتر ٿي ويندي.