سڪيورٽي فورسز جو ڪرم ايجنسي ۾ آپريشن، 5مغوي پورهيت بازياب

0
173

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڪيورٽي فورز ڪرم ايجنسي ۾ آپريشن ڪندي وڌيڪ 5مغوي پورهيتن کي بازياب ڪرائي ورتو، موبائل ٽاور تي ڪم ڪندڙ 16پورهيتن مان 10 پورهيتن کي اڳ ئي بازياب ڪرايو ويو هو، آءِ ايس پي آر موجب، ڪرم ايجنسي جي علائقي ۾ موبائل ٽاور تي ڪم ڪندڙ 16پورهيتن کي 26جون تي اغوا ڪيو ويو هو، پورهيتن جي بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، 27جون تي 10پورهيتن کي بازياب ڪرايو ويو هو، هڪ پورهيت جو لاش مليو هو.