سڪرنڊ: 4 سالن جي سراج ملاح کي قتل ڪندڙ عورت پاران ڏوهه جو اعتراف

0
316

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ پنج ڏينھن اڳ بيدرديءَ سان قتل ڪيل چئن سالن جي ٻارڙي سراج ملاح جي قتل ۾ نامزد ڄاڻايل سندس ٻن پڦين شمائلا ملاح ۽ عزيزان ملاح کي اڄ اڱاري تي پوليس پھري ھيٺ نواب شاهه کان سڪرنڊ عدالت آندو ويو، جتي 164 جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو، بيان ۾ ھڪ عورت عزيزان پنهنجي ڀائٽي معصوم سراج کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، ٻڌڻي کان پوءِ عدالت عورتن کي يارنهن ڏينهن لاءِ جيل حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف جاچ آفيسر خان محمد رند اڄ ٻيهر سخت ڪڙو چاڙھي عورتن کي عدالت جي ڪمري کان پوليس موبائيل ۾ ويهاري ميڊيا سان ڳالھائڻ نه ڏنو جڏهن ته جاچ آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ عورت ڏوهه قبوليو آهي ۽ عدالت چوڏنهن ڏينهن ۾ ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .