سڪرنڊ: پيءُ جي قتل جي پلاند ۾ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل

0
332

سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ڀرسان ماڙي ٿاڻي جي حد جڙيو ڪيٽي ۾ جوابدار علي گل سولنگي پنھنجي نوجوان ڀيڻ بينظير سولنگي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آھي

 جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيوته پنج سال اڳ ڀيڻ منهنجي پيءُ بخشو کي قتل ڪيو هو، پيءُ جي قتل جي پلاند ۾ ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي، واقعي بعد ماڙي ٿاڻي جي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

چڪ: عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي ظالم ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل