سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا

0
25
سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن چيف جسٽس تي اعتراض واري ڇڏيا
سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن چيف جسٽس تي اعتراض واري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٽربيونلز جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿيندو، جيئن ئي چيف جسٽس جي مقرري عمل ۾ اچي ته اليڪشن ڪميشن فوري مشاورت ڪري

 ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل رهندا، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي پي ٽي آءِ اميدوارن جي وڪيل نياز الله نيازي چيف جسٽس تي اعتراض واري ڇڏيا، ڪيس نئين بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي استدعا

 عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار، پي ٽي آءِ اميدوارن جي وڪيل نياز الله نيازي چيو ته اسان پنهنجو اعتراض ريڪارڊ تي آڻڻ گهرون ٿا، چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان هتي پنهنجي بي عزتي ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهيون؟

چيف جسٽس وڪيل سلمان اڪرم راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پهرين ٻڌڻي تي پڇيو هو ته ڪو اعتراض آهي؟ توهان جواب ڏنو هو ته ڪو اعتراض نه آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته مون ذاتي حيثيت ۾ چيو هو ته اعتراض نه آهي

 چيف جسٽس چيو ته پهرين 2 رڪني بينچ ۾ شامل هيس ته ڪو به اعتراض نه ڪيو ويو، اعتراض هو ته پهرين ئي ڏينهن اٿاريو وڃي ها، بينچ تي اعتراض اٿاري هيڊلائينز  ٺهرائڻ چاهيو ٿا

 وڪيل نياز الله نيازي چيو ته رڳو مون کي نه پر جيڪو جيل ۾ موجود آهي ان کي به اعتراض آهي

 چيف جسٽس چيو ته جنهن جي توهان ڳالهه پيا ڪيو ان جيل مان درخواست ڏني هئي ته کيس ٻڌو وڃي، عدالت کيس اجازت ڏني ۽ جيل مان حاضري يقيني بڻائي کيس ٻڌو، گهڻي عدالتي اسڪينڊلائيزيشن ٿي وئي، اسان ان رويي تي پاڪستان بار کي ڪارروائي لاءِ چونداسين