سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي اڄ ئي طلب ڪري ورتو

0
342
سيڪيورٽي اهلڪارن جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي بابت ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي اڄ ئي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي

گذريل ٻڌڻي دوران درخواستگذارن چيو هو ته اي پي ايس حملي ۾ اسان اسان ٻچا مارجي ويا، ان ڪري ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ مامري جي جاچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، عدالت اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد خان کي حڪم ڏنو هو ته مامري جي جاچ مڪمل ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، اڄ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اعليٰ عملدارن خلاف ڪا به ايف آءِ آر داخل نٿي ٿي سگهي

عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو سيڪيورٽي ليپس هو، حڪومت کي هن جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، هن وقت جي سمورن عسڪري ۽ سياسي عملدارن کي هن جو اطلاع هجڻ گهرجي ها، چيف جسٽس چيو ته اسان جي ايجنسين ۽ ادارن کي سڀ خبر هوندي آهي پر جڏهن اسان جي پنهنجي ماڻهن جي سيڪيورٽي جو مامرو ايندو آهي ته ناڪام ٿي ويندا آهن

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته آپريشن ضرف عضب جاري هو ۽ ان جي رد عمل ۾ هي واقعو پيش آيو، اسان جي حڪومتي ادارن هن بابت جوڳا اپاءُ ڪرڻ گهرجن ها، اي پي ايس جو واقعو سيڪيورٽي جي ناڪامي هئي، ڪيس ۾ رهجي ويل خلا بابت توهان کي آگاهه ڪرڻ جو چيو ويو هو

اٽارني جنرل خالد جاويد خان جو چوڻ هو ته هو پنهنجيون غلطيون تسليم ڪري ٿو، پنهنجو آفيس ڇڏي ڏيندس پر ڪنهن جي غلطي جو دفاع نه ڪندس، جيڪڏهن عدالت ٿورو وقت ڏيئي ته وزيراعظم ۽ ٻين عملدارن کان هدايت وٺي عدالت کي مامري کان آگاهه ڪيان، جنهن چيف جسٽس چيو ته هي هڪ سنگين مامرو آهي ان تي وزيراعظم کان ئي جواب ڪنداسين

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت جسثس قاضي امين چيو ته اطلاع آهن ته رياست ڪنهن گروهه سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اصل جوابدارن تائين پهچڻ ۽ پڪڙڻ رياست جو ڪم ناهي؟

چيف جسٽس چيو ته ٻارڙن کي اسڪولن ۾ مرڻ لاءِ نٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار۽ سپاهين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ۾ ته ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها پر مٿان وارا پگهارون ۽ مراعتون وٺي هليا ويا، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته هي ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، عدالت وزيراعظم عمران خان طلبي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي  ڪئي

ھي به پڙھندا

اربين رُپيا انٽيليجنس ايجنسي تي خرچ ٿين ٿا، پوءِ ته نتيجا ٻُڙي: چيف جسٽس