خيرپور (رپورٽر) سيٺارجا جي رهواسڻ مسمات مختيار خاتون پنهنجي ڀائرن نسيم، ارشاد  ۽ شفن ٻپڙ خلاف سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته سندس وڏن جي زرعي زمين تي ڀائرن قبضو ڪري ورتو آهي. حصو گهرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته ڀائرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.