سياست ۾ هڪٻئي جون غلطيون هضم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو:خورشيد شاھ

0
307
خورشيد شاهه پاران ضمانت

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي خورشيد شاھھ عدالت ۾ پيشي دوران چيو آھي تھ سياست ۾ معافيون نه هونديون آهن، هڪٻئي جون غلطيون هضم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو، خورشيد شاهه جو مولانا فضل الرحمان جي بيان بابت پُڇيل سوال تي جواب ۾ ھن چيو تھ هر پارٽي جي سوچ ۽ نظريو الڳ هجڻ سبب اتحاد هلائڻ ڏکيو هوندو آهي، توهان پاڻ اتحاد هلائڻ ۾ سنجيده ناهيو ته اها ٻي ڳالهه آهي، مان پهرين به چوندو هئس ته عمران خان کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ته جيئن عوام آڏو وائکو ٿي وڃي، نواز ليگ به هاڻي ساڳي ڳالهه ڪري رهي آهي، اپوزيشن کي عوامي مسئلن تي احتجاج جاري رکڻ گهرجي، پاڪستان طرفان مدد واري آڇ جو ڀارتي حڪومت اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، اسان کي ايترو به نه جهڪڻ گهرجي جو توهين محسوس ٿئي.