حيدرآباد: سول اسپتال جي ميڊيڪو ليگل شعبي جي انچارج پاران ناري جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي پر ڊاڪٽر وسيم خان جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ناري جي موت جو حتمي ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته ناري تي تشدد ٿيوآهي جنهن دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب هو فوت ٿي جنهن کي سندس مڙس 4 کان 5 ڪلاڪن بعد اسپتال کڻائي آيو هو. سول اسپتال جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ابتدائي طور عمر ميمڻ ڊاڪٽرن کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سندن انڪار بعد هو پنهنجي زال کي گاڏي ذريعي اسپتال کڻائي آيو هو.