سوال/سروي … لڳي ٿو ملڪ کي بارڊر کان وڌيڪ ٽوئيٽر ايڪس کان خطرو آهي، سوشل ميڊيا سائيٽس بند ڪري آواز دٻايو پيو وڃي: عوام

0
68

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عوام جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش: بجلي ۽ گئس وانگر انٽرنيٽ جي به لوڊشيڊنگ، ٽوئيٽر (ايڪس) ۽ ٻين سوشل ميڊيا سائيٽس جي سروس متاثر ٿيڻ جو ذميوار ڪير؟ ان تي اوهان ڇا چوندا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت ذميوار آهي، ملڪ کي بارڊر کان وڌيڪ خطرو ٽوئيٽر ايڪس کان آهي جو ان لاءِ بند ڪيو ويو آهي، پئسا ڀري پيڪيج ڪرايون ٿا پر پوءِ به نيٽ نٿي هلي، هاڻي عوام ۾ سجاڳي ۽ شعور اچي ويو آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ته سوشل ميڊيا پاڪستاني عوام جو هڪ سگهارو آواز آهي ان کي دٻائڻ يا بند ڪرڻ سراسر ناجائزي آهي، سوشل ميڊيا بند ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي ماڻهو وي پي اين ذريعي ساڳيو هلائن ٿا، لڳي ٿو ته سرڪار ٽوئيٽر کان ڊنل آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته کنڀا ئي اکيڙي اڇلائي ڇڏين، سڄي فساد جي جڙ اها انٽرنيٽ ئي آهي آخر اھو سڀ ھتي ئي ڇو ٿي رھيو آھي دنيا فائيو جي ۾ پھچي وئي اسان وٽ ٿري جي سلو ٿوري گھڻي ھلندي ھئي ان کي به روز بند ڪيون ويٺا آهن، اياز کهاوڙ لکيو ته هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائڻ ۽ عوامي رايي کان پري رکڻ جو هر جتن ڪيو پيو وڃي.پر ڇا به ٿي پوي هاڻَ عوام سجاڳ ٿيل آهي. هراهڙي ناسور کي منهن ڏئي سگهي ٿو،ڀلي حڪومت جيڪي به هيلا هلائي. هزار خان لکيو ته ھر شيءِ  تي سوين ھزارين لکين رپيا ٽيڪس پيڊ ڪيون ٿا پوءِ بھي اھا شي ميسر ناھي پوءِ ڀلي بجلي ھجي گيس ھجي پاڻي ھجي روڊ رستا ھجن اسپتالون ھجن يا انٽرنيٽ ھجي، خدا ٿو ھلائي ھن ملڪ کي، باقي هر ڪو ٺڳي ۾ پورو آهي، فرحان سميجو لکيو ته ملڪ کي بارڊر کان وڌيڪ خطرو ايڪس کان آھي ان لاءِ بند ڪيو آھي، پرڀو مل لکيو ته ملڪ تباهي جي آخري ڪناري تي بيٺو آهي، سمير احمد لکيو ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ۾ نيٽ ورڪ زيرو آهي اسان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ۾ نيٽ ورڪ صحيح ڪيو وڃي. شريف ڪنڀر لکيو ته اسان سڀني کان هٿ جوڙ ڪئي، احسان عيسيٰ لکيو ته نگران حڪومت سميت ملڪ جا ادارا، صلاح الدين کوسو لکيو ته اسانجي علائقي ڪوهستان ۾ نيٽورڪ نه هجڻ برابر آهي، آخر پڇون ڪنھن کان اسانجون ڏوھ ڪھڙو آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته اهو ڪم سڀ ڪرپٽ حڪمرانن جو نتيجو آهي، الهداد سرهاڙي لکيو ته ٽيڪس لاڳو ھوندا آھن ھنن جو پيڪج ساڳيو ھلي پيو ماڻھوي ساڳيو پيڪج ڪرائين پيا ڪمپنين جا اربين رپيا ٺھن پيا آفيس وارا ماڻھو يا يوٽيوبر ڪٿان ڪمائي سگھندا، حڪومت ته ان ۾ ڪابه حڪمت عملي نظر نه پئي اچي افسوس ئي ڪري پيو سگھجي،، امير علي به سروي ۾ حصو ورتو، علي مراد بلوچ لکيو ته شهر ۾ انٽرنيٽ بجلي کان بنا نٿي هلي، بجلي وانگر انٽرنيٽ جي به لوڊشيڊنگ آهي،  فقير علي به سروي ۾ حصو ورتو، فيض درس لکيو ته هي عوام کي وري انهي اونداهي واري دور وٺي وڃڻ چاهن ٿا جتي پهرين جهالت وڏيراشاهي پيرپرستي هوندي هئي وري عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي ناممڪن ڪوشش ڪن ٿا پر سمجهان ٿو هاڻي عوام ۾ سجاڳي ۽ شعور اچي ويو آهي. پريمچند مالهي لکيو ته اسان جي شهر عمرڪوٽ۾ نيٽ ورڪ زيرو آهي اسان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي شهر عمرڪوٽ ۾ نيٽ ورڪ صحيح ڪيو وڃي. جميل کوسو لکيو ته اسان سرعام نالو نٿا وٺي سگھون عوام کي سڀ خبر آهي، سڪندر علي لکيو ته اهو ڪم سڀ ڪرپٽ حڪمرانن جو نتيجو آهي، نعمت الله راهمون لکيو ته عوام سورن ۾ آھي، اسد زرداري لکيو ته نيٽورڪ جو مسئلو ڏاڍو آ اسان جي شھر سرھاڙي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ نيٽ ورڪ نه ھجڻ برابر آھي بجلي جي لوڊشيڊينگ جو مسئلو ته ڪيترن ئي سالن کان آھي نيٽورڪ مثتاثر ٿيڻ جون ذميوار ڪمپنيون آھن ڇو ته صارفين کان لکين رپيا ٽيڪس وصولي ڪن ٿا پر نيٽورڪ جي مسئلي تي ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ثناءُالله چنا لکيو ته سوشل ميڊيا پاڪستاني عوام جو هڪ سگهارو آواز آهي ان کي دٻائڻ يا بند ڪرڻ سراسر ناجائزي آهي عوام تي هزارين رپين جا ٽيڪس هڻي عوام جو رت چوسيو ٿو وڃي انهن حڪمرانن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي، علي دوست چانڊيو لکيو ته رِڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھيه ٿيا. اڃان به ڀلا بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ سمجهه ۾ اچي ٿي ته ان ۾ چوري جو عنصر موجود آهي. موبائيل پيڪچز ۾ اهو عنصر ته ناهي! ماڻهو پيڪيج کان اڳ رقم جمع ڪرائي ٿو. پوءِ به اها ويساهه گهاتي ڇو؟ اسان وٽ ڄامشورو ۾ هر نيٽورڪ تباهه حال آهي. ڏينهن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي پيڪيج به ڪرائڻا پون ٿا ته متان هي نه ته هي ٺيڪ هلي. پر پئسا وڃائڻ کان سواءِ ڪُجھه پلئه نٿو پوي اسان وٽ سڄو نظام بيماني، ٺڳي ۽ تي مشتمل آهي. ڪهڙو ادارو آهي؟ جيڪو هتي ويساهه گهاتي نٿو ڪري؟ ڪنهن ڪنهن خلاف احتجاج ناهن ٿيا؟ سوال اهو آهي ته ان تي اڄ تائين ڪهڙو نوٽيس ورتو ويو آهي؟ ان لاءِ هاڻي احتجاج ڪرڻ کان زبان ٺپ رڪجي وئي آهي. شاهين سومار لکيو ته ذميوار نگران حڪومت آهي، تنها شاهه ايم ڊي جمالي لکيو ته منهنجو تعلق ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شهدادپور جي گهرام جمالي لڳ مقصودي رند سرهاري روڊ سان آهي آئون ٻڌائيندو هلان ته اسان جي ڳوٺ توڙي ٻين ڳوٺن ۾ نيٽورڪ جو تمام گهڻو حال خراب آهي اسان وٽ هر نيٽورڪ جو حشر هڪ ٻئي کان خراب آهي افسوس هيترو ٽيڪس ڪٽڻ باوجود اسان سان هي ظلم ڇو آهي؟ باقي وڃ کڻي هر ڳوٺ يا شهر ۾ ته هنن جا هوڪا ٻڌجن ٿا 30 رپيه جي بيلنس سان سم فري.. خالد لغاري لکيو ته سوشل ميڊيا ته ڪونه ٿي روڪي ته وزيراعظم نه ٿئي، عوام سورن ۾ اچي ويو آهي، ھڪڙن پيسا وٺي عوام جي ووٽن جو سودو ڪيو جنهن سيٽ ورتي اھو پنهنجا پيسا ڪڍندو بس عوام پريشان آهي، ماجد علي لکيو ته اھڙا نابين ڪونه ڏٺاسين وس وڏا ڪن ٿا لِڪڻ جا پر جدت ڀري دُنيا ۾ ھر مسئلي جو حل موجود آھي، باقي پڇيل سوال ۾ ئي جواب آھي. محمد اسلم جتوئي لکيو ته هن وقت پوري سنڌ ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها آهي، تمام ادارا تباهي جا منظر پيش ڪري رهيا آهن، هر صبح هڪ نئين جوش سان خوف ۽ تباهي جو سج نڪري ٿو، لڳي ائين ٿو ڄڻ دجال جي حڪومت هجي ۽ اسان سڀ انجا منڪر هجئون جو هو مسلسل پنهنجي جنت ڏيکارڻ باوجود انڪار ڪرڻ تي اسانکي پنهنجي دجالي جهنم ۾ ساڙي پيو، اگر ڳالھه ڪجي شڪارپور جي ته هتي پيٽ جي سور کان ويندي ڇتي ڪتي جي چڪڻ ۽ نانگ ڪکڻ جي سئي ۽ گوري به اڻلڀ ٿي وئي آهي، هر طرف ڪرپشن جي بازار گرم آهي، سنڌ ۾ هر طرف تباهي ئي تباهي آهي، ميريٽ جو حال اهو آهي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نوڪرين جا اگھه مقرر ٿيل آهن ڪميشن جو پرچو شروع ٿيڻ کان 2ڏينهن اڳ پيپر آئوٽ لڳو پيو آهي، اليڪشن ۾ ووٽ هڪ اميدوار کي ٿو ملي ته ڪامياب وري ڪو ٻيو ٿو ٿيو وڃي، جتي ان سموري تباهي جا ذميوار حڪومتي ادارا آهن اتي انٽرنيٽ جا پيڪيج مهانگا ڪرڻ ۽ نيٽ جي لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو ڳلو دٻائڻ جا ذميوار به حڪمران آهن، نقاش پيرزادو لکيو ته بجلي لاءِ ڪوئلو سنڌ ۾ موجود آھي گيس لاءِ ذخيرا دريافت ٿين پيا تازو خيرپور ميرس ۾ ذخيرو مليو آھي، نيٽ جي لوڊشيڊنگ جو جيڪو عوام ۾ شعور اچي ويو آھن ان ڪري آواز بند ڪرڻ جو طريقو آھي، اسان VPN اپلوڊنگ ڪري ان ته ھلائيون پيا ھاڻي. موهن لال لکيو ته وڏي سرڪار ٽوئيٽر سان خوفزده بڻيل آهي تنهنڪري ناپاڪ هٿڪنڊا استعمال ڪري ٽوئيٽر کي بند ڪيو ويو آهي انهي حرڪت سبب عام ماڻهو جو حڪومت کان اعتماد ٽٽندو پيو وڃي. ايڊووڪيٽ محمد علي لکيو ته اقتدار ڌڻي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۾ بس پورا آھن هن ملڪ ۾ جيڪي به ضرورت زندگي جون شيون آھن اها چاهي قدرتي هجي يا ڪنهن ڪمپني جي پر هن ملڪ ۾ هر ڪو عوام کي لٽڻ ۾ پورو آهي هر ماڻهون کي خبر آھي ڪنهن جو ڪنهن ڏوھه آھي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ٽوئيٽر تي اگر حڪمرانن جي خلاف ڪا پوسٽ هڻو ته يڪدم بند ٿي وڃي ٿو خبر ناهي ڇو باقي هي سڄو ڪم سياسي اڳواڻن جي ملي ڀڳت سبب ٿئي ٿو ڇو جو هو هڪ ٻئي مٿان رڳو گند پيا اڇلائن، هنن جي ڪري کوڙ سارا پيڪيج بغير استعمال ڪئي ختم ٿي وڃن ٿا هن ملڪ ۾ ڪو قانون ناهي هر ڪو پنهنجي من ماني ڪري پاڻ مڃرائڻ ۾ پورو آهي. وفا ذاڪر جمالي لکيو ته بس ڇا ڪجي بجلي به اسان جي گئس به اسان جي ۽ اسان اُنھن لاءِ دربدر آهيون افسوس جو مقام آھي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته اسان جو ملڪ ڪاڏي پيو وڃي، حڪمرانن کي غريب عوام دانھن ڪوڪ جي پرواهه ئي ڪانهي، محمد حسين لکيو ته دنيا وڃي پهتي چنڊ تي اسان جو ملڪ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي پيو وڃي هن سڄي سٽم جا ذميوار حڪمران آهن، اسان جي شهرسرهاري ۾ لائيٽ آهي ته نيٽ سٽم هلي ٿو نه ته خير آهي، محمد عرس مشوري لکيو ته سنڌ جي نصيبن ۾ سور ئي لکيل آھن، عبدالقيوم لکيو ته بجلي لاءِ ڪوئلو سنڌ ۾ موجود آھي گيس لاءِ ذخيرا دريافت ٿين پيا تازو خيرپور ميرس سائيڊ ذخيرو مليو آھي اوھان نيوز وارا ڄاڻو پيا ليڪن نيٽ جي لوڊشيڊنگ جو جيڪو عوام ۾ شعور اچي ويو آھن ان ڪري آواز بند ڪرڻ جو طريقو آھي، ميانداد مري لکيو ته اڃا شروعات آ گھڻن شين جي لوڊشيڊنگ ٿيندي، اصغر حسين لکيو ته اھڙا نابين ڪونه ڏٺاسين وس وڏا ڪن ٿا لِڪڻ جا پر جدت ڀري دُنيا ۾ ھر مسئلي جو حل موجود آھي، باقي پڇيل سوال ۾ ئي جواب آھي.صداءُالله چانڊيو لکيو ته عوام کي ھر حوالي سان تنگ ڪيو پيو وڃي، خميسو آريسر لکيو ته گورنمينٽ تي افسوس آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڇا لکجي، انڌن اڳيان روئڻ اکين جو زيان آهي، جان حيدري به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالجبار لوڊو لکيو ته نيٽ سروس بند ڪرڻ جو مقصد عوام کي حقيقتن ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ لاقانونيت، نا انصافي، ظلم کان لاعلم رکڻ جو حڪومتي پلان آهي، نيٽ سروس متاثر ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.