سوال/سروي … سنڌ جي بيروزگار نوجوانن سان ظلم بند ڪريو، وڌيڪ ڦرڻ بدران ٽيسٽ پاس ٿيلن کي نوڪريون ڏيو: عوام

0
10

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوا م کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ اميدوارن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ٻيهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: حڪومت جي انھيءَ قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ پھريان ٽيسٽ پاس ڪندڙن جو ڇا ٿيندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ سرڪار جي ان قدم کي بيروزگار نوجوانن سان ظلم قرار ڏيندي چيو ته اڳ ئي وڏا خرچ ڪرائي بيروزگارن کان ٽيسٽون ورتيون ويون انهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران وڌيڪ کين ڦرڻ جو پلان جوڙيو پيو وڃي، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جن وٽ پاس ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ به موجود آهي، سنڌ سرڪار جي ان قدم سان نوجوانن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي، غريبن جا ٻار پريشان ٿيندا، بيروزگاري جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي ته نوجوان روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿي ويندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فضل محمد لکيو ته ميرٽ وري به ڪو نه ڏيندا….پئسا ڦيڪ تماشا ديک، حب علي لکيو ته تمام بھتر، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ سرڪار سنڌ جي لکين نوجوانن سان ظلم ڪري رهي آهي، اربين رپيا چالان جا ٿا وٺن وري نوڪري جي نالي تي هر دفعي نئون ڊرامو رچايو ٿو وڃي،هاڻي ظلم جي حد ڏسو پي ايس ٽي اميدوارن کي آگسٽ 2023ع جي شروعات ۾ آفر ليٽرس ڏنا ويا پر اڃان تائين انهن کي به جوائنگ ناهي ملي، افسوس هتي سنڌ جي نوجوانن کي ڪٿي به انصاف نٿو ملي. ممتاز علي سميجو لکيو ته بيروزگار نوجوان هنن جي روزگار جو ذريعو بنجي ويا پهريان ٽيسٽ وٺي ڪروڙين روپيا ڪمايا ويا اهي نوجوان آسري ۾ ويٺل آهن ته هي وري نئون ڊرامو رچايو ويٺا آهن هي سراسر ناجائزي آهي پهريان ٽيسٽ ڏيندڙن کي آفر آرڊر ڏئي جوائنگ ڪرائي وڃي باقي جي سيٽون بچن ته ٻين کي موقعو ڏنو وڃي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سراسر غلط عمل آهي، جيڪو بيروزگارن سان مذاق آهي، اڳ ئي بيروزگاري چوٽ تي چڙهيل آهي، اڳيان چالان يا جمع ٿيل ڪاغذ سمنڊ ۾ ٻوريون ڀري اڇلايون ويون آهن ڇا؟ ھر شي اوهان وٽ ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ٿيل آهي، بيروزگارن سان ايڏو مذاق نه ڪيو جو بيروزگار خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿين، آغا صدام لکيو ته غريب بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ بدران عدالتن ذريعي پريشان ڪيو ٿو وڃي، ممتاز علي لکيو ته تمام بهترين، عمران جسڪاڻي لکيو ته غريب ماڻهن کي چالان جي مد ۾ لٽڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي،  مصروف عباس خاصخيلي لکيو ته تمام بهترين، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سنڌ سرڪار کي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن سان ھر ڀيري نوڪريون ڏيڻ وارو ڊرامو ھاڻي بند ٿيڻ گهرجي. خاموش خليل شر لکيو ته سراسر غلط عمل آهي، جميل کوسو لکيو ته 5سالن کان خوار ڪيو اٿن، وري 5سال پريشان ڪندا اسان کي چالان جا پئسا واپس ڪيا وڃن، جنيد ميراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، هالار ياسين لکيو ته ظلم آهي ٻيو ڇاهي، هزار هزار جو چالان ڀري آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ڏني وري آءِ بي اي سرٽيفڪيٽ جي مد ۾ 7-7 سئو رپيا وصول ڪيا ويا، ٽيسٽ جي سرٽيفڪيٽ جو مدو ٽي سال رکيو ويو، ڏيڍ سال گذري به ويو وري هاڻي اهو رينگٽ هي ڪهڙو آ، هڪ غريب شاگرد رات جا اوجاڳا ڪري ٽيسٽ جي تياري ڪري قرض کڻي هزارين رپين جا چالان ڪيئن ٿو ڀري ۽ انهن حڪمرانن کي مشڪري لڳي آهي. نوجوانن کي نظام خلاف بغاوت تي مجبور نه ڪيو وڃي، جمعو خان لکيو ته اسان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي هاڻ وري ٽيسٽ وٺندا، هنن کي شرم نٿو اچي، عطار علي گبول لکيو ته نااھل حڪومت آھي رڳو شاگردن کان پئسا اوڳاڙيا پيا وڃن جڏھن ته پھريان اھو چيو ويو ھئو ته صرف آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ڪنھن به نوڪريءَ لاءِ ٻيھر فيس نه ورتي ويندي پر سنڌ گورنمينٽ ان تي عمل ناھي ڪرائي سگھي. خالد چنا لکيو ته سنڌ سرڪار انتهائي ساکائتي اداري آءِ بي اي ذريعي 5 کان 15 هين گريڊ جي ڀرتين لاءِ اڳ ۾ ئي ٽيسٽ وٺي چڪي آهي، جنهن جا سرٽيفڪيٽ اميدوار ڏيڍ سال کان هٿ ۾ کڻي ويٺا آهن، انهن بيروزگار نوجوانن اپلاءِ ڪرڻ کان وٺي ٽيسٽ ڏيڻ تائين لکين رپيا خرچ ڪيا آهن، هي فيصلو سراسر زيادتي ۽ ميرٽ جي نفي آهي، حڪومت کي گهرجي ته 5 کان 15 گريڊ جي ڀرتين ۾ انٽرويو ختم ڪري ٽاپ ٽو باٽم پاليسي تحت اهل نوجوانن کي فوري طور مختلف کاتن ۾ آفر آرڊر جاري ڪري، هڪ کان چار گريڊ واريون نوڪريون پڻ ميرٽ تي مقامي نوجوانن کي ڏنيون وڃن، سنڌ سرڪار ۽ عدالتون بيروزگار نوجوانن جي احساسن سان کيڏڻ بند ڪن. محمد حنيف چنا لکيو ته سراسر ظلم آھي، جي ايم جروار لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو جيڪي پاس آهن انهن کي پهرين نوڪريون ڏنيون وڃن، عبدالغني کوسو  لکيو ته وري به سنڌ حڪومت جي حڪم تي ڀرتيون ٿينديون جيئن اڳ وڏيرن کان لسٽ وٺي آرڊر جاري ڪيا ويا هئا عدالت کي پنهنجي ماتحت ٽيسٽ وٺرائڻ گهرجي باقي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي به آڱريون اٿن ٿيون ته وڏيرن کي ڪامياب قرار ڏنو وڃي ٿو، غلام نبي مڱريو لکيو ته نااھل حڪومت آھي رڳو شاگردن کان پئسا اوڳاڙيا پيا وڃن جڏھن ته پھريان اھو چيو ويو ھو ته صرف آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون، مير محمد سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، مير آڪاش لکيو ته اها ڪهڙي مشڪري آهي، اختيار علي سوڍر لکيو ته پ پ پنهنجو نقصان ٿي ڪري، عاشق شر به ردعمل ڏنو، سميع الرحمان لکيو ته اھا فارملٽي ھوندي ٻيو ڪجهه به نه پئسا ۽ سفارش ٻئي ھلندا، عطاءُالله ڏاهاڻي لکيو ته جيڪي پھريان پاس ٿيا آھن انھن سان سراسر ناانصافي آهي وري به اھي نوڪري پئسن وارن کي ملنديون سنڌ جي اھڙي نظام تي افسوس ڪيون ٿا، عبدالقيوم چاچڙ لکيو ته سنڌ سرڪار پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ اميدوارن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ٻيهر وٺڻ جو فيصلو، پاس اميدوار انصاف گھرن ٿا، حامد علي لکيو ته حڪومت ۽ عدالتون نوجوانن کي پريشان ڪن ٿيون، سڪندر علي گرگيج لکيو ته اهو رڳو پئسا کائڻ جو طريقو آهي، بشير احمد بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، نادر علي ڄامڙو لکيو ته ايم پي اي ۽ ايم اين ايز لاءِ سٺي خبر آهي، مهراڻ ابڙو  لکيو ته 5 کان 15 آءِ بي اي پاس ٽيسٽ واپس نه ٿيندي، سيسي ۽ ميڊيڪل سائيڊ جيڪا ڀرتي ٿي هئي انهن جي ٻيهر ٽيسٽ ٿيندي، شعيب پيرزادو لکيو ته اميدوارن کان صرف پيسا وٺڻا آھن ميرٽ ڪرڻي ڪونھي، مسلسل نوجوانن سان زيادتي پئي ڪئي وڃي ناجائز چالان ورتا ٿا وڃن آھي ڪو جيڪو انصاف ڪري نوجوانن سان؟  خدا بخش راهمون لکيو ته سال پوئتي ٿي وياسين، اي ايم لغاري لکيو ته ايڏو انتظار ڪرائڻ بعد اھو ڦل مليو، ظلم ڪيو ويو آهي، بلال بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، ابراهيم مخدوم لکيو ته حڪومت پهنجي ڪمائي جا طريقا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، منصور علي لکيو ته اهو سراسر غلط عمل آهي، سليمان خان به ردعمل ڏنو، فته الدين لکيو ته افسوس ٿيو، گلزار علي بددعائون ڏنيون، راجا شفيق رحمان شر لکيو ته وري به ميرٽ نه ڪندا، اياز کهاوڙ لکيو ته اهو سراسر غلط عمل آهي بيروزگارن اڳ ۾ پئسا خرچ ڪيون ويٺا آهن. وري انهن کي ڊبل خرچ ڪرائڻ انهن سان نانصافي آھي، ديدار علي به سروي ۾ حصو ورتو، سردار قادر بخش لکيو ته نئين سر اشتهار ڏئي نئين سر ٽيسٽ ۽انٽرويو وٺڻ ٽيسٽ پاس ڪيل اميدوارن سان سراسر ناانصافي ۽ وڏو ظلم آهي ۽ ميرٽ جو سڌو سنئون قتل عام آهي. سنڌ جي بيروزگار نوجوانن انهن جي خاندانن جي اميدن کي لتاڙيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت جي ان فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو. جنيد جمالي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، طارق خان راڄپر لکيو ته ھينئر ٽيڪنالاجيءَ جو دور آھي گوگل فارم تي ويھي ڪري توھان ٽيسٽ ٺاھي وٺو توھان کي ان وقت ئي نتيجا ملي ويندا. باقي سنڌ حڪومت کي پھريان پاس ٿيندڙن بابت سوچڻ گھرجي. سڄو ڪم صاف شفاف ميرٽ جي بنياد تي ڪيو وڃي ته سنڌ جي نوجوانن کي رستن تي نه اچڻو پوي. حميرگل راڄپر لکيو ته غريب نوجوانن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي سراسر غلط فيصلو آهي، بلاول علي زندپور لکيو ته نوڪريون ڏنيون وڃن ان جي ڪير به مخالفت نٿو ڪري سنڌ جي نوجوان بيروزگارن جو بنيادي حق آهي سنڌ حڪومت اشتھار ڏئي انٽرويو وٺي پوءِ ظاهر ناھي ٿيندي آھي پھرين به اشتھار ڏئي انٽرويو وٺي آڊر جاري نه ڪيا ويا مختلف بھانا ڪري بيروزگار نوجوانن کي رلائي ڇڏين فوٽو ڪاپيون ڪاغذن جا پيسا سڀ پاڻي ۾؟ بيروزگارن نوجوانن جون عمريون به ھاڻ نوڪرين کان چڙهي ويون آھن سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته نوجوان بيروزگارن کي جلد کان جلد نوڪريون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، محمد حسين لکيو ته سنڌ سرڪار پنهنجا ماڻهو اڳ ئي کڻي ڇڏيا آهن ، آصف شيخ لکيو ته سراسر غلط فيصلو آهي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته  نوجوانن سان ناانصافي نامنظور، سنڌ سرڪار پاران خوب مال ڪمائڻ جو انوکو طريقو سنڌ جي عوام وٽ پئسو جام آھي ٻيھر انٽرويو ۾ جنھن وٽ پئسا ھوندا انھن کي نوڪريون ملنديون غريب مسڪين ھارين جا ٻچڙا ميرٽ جي آسري تي رڙيون ڪري ڪري روئي بس ڪري ويندا، رسول بخش شر لکيو ته بيروزگار نوجوان طبقي سان مذاق جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، اسد زرداري لکيو ته سنڌ حڪومت جو اھڙو فيصلو سراسر سنڌ جي نوجوانن سان ظلم برابر آھي ڇو ته 5 کان پندرنھن اسڪيل تائين ٽيسٽ ورتي وئي ۽ ڪيترائي بيروزگار نوجوان ڳرا چالان ۽ ٽيسٽن جا خرچ برداشت ڪري ٽيسٽن ۾ پاس ٿيا ۽ انھن کي وينٽگ ۾ رکي وري ٻيھر ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو سراسر ميرٽ جي لتاڙ لاءِ ڪيو ويو آھي جيڪي گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۽ انٽر ڪيٽيگري جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيا آھن ۽ انھي آسري ۾ ھئا ته ميرٽ تي نوڪريون ملنديون پر ائين نه ٿيو سنڌ حڪومت وري چالان جي مد ۾ ڪروڙين رپيا سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کان اوڳاڙي ڪندي ۽ وري ٽيسٽن جا خرچ نوجوانن کي ڀرڻا پوندا ۽ نوڪريون وري به من پسند ماڻھن کي ملنديون. مختيار مولائي لکيو ته حڪومت نوڪريون وڪڻي رهي آهي، نعمت الله راهمون به راءِ جو اظهار ڪيو، ارشاد علي سومرو لکيو ته سڀ کان پھريان ته ان وقت جڏهن انٽرويو ورتو ويو ھئو ته ان وقت ڪامياب ٿيل اميدوارن کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ گھرجي ھا ھاڻي جڏهن پنجن سالن ۾ ڪيترن ئي نوجوانن ڪن انٽرميڊئٽ ڪن گريجوئيشن مڪمل ڪئي آھي انھن ڪھڙو قصور ڪيو آھي جو اھي ھاڻي ڏھه سال انتظار ڪن تنھن ڪري بلڪل نئين سر اشتھار ڏئي سڀني کان انٽرويو ورتو وڃي پر جن اڳ ۾ چالان وغيره جا پئسا ڀريا آھن انھن وٽ پراڻي رسيد ھوندي انھن کان چالان جا پئسا ٻيھر ورتا نه وڃن ۽ رھيل اميدوارن کي به انٽرويو ۾ ويھڻ جو موقعو ڏنو وڃي، انٽرويو ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن کي مايوسي ٿي آھي.