سنڌ ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، صحت کاتو ڦوهارو ڪرائڻ کان به لاچار

0
181

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جو مرض بي قابو، 24 ڪلاڪن دوران 26 نوان ڪيس ظاهر، ڪراچي ۽ ٿرپارڪر متاثر، هلندڙ مهيني 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ڊينگي کي روڪڻ لاءِ صحت کاتي جي اختيارين پاران ڪي ايم سي اختيارين کان مدد طلب ڪئي وئي. اختيارين پاران شهر ۾ تعميراتي عمارتن توڙي ڪيس ظاهر ٿيڻ وارن گھرن ۾ ڦوهارو ڪرائڻ لاءِ ڪي ايم سي کان ٽيمون پڻ گھريون ويون آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ڊينگي وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَر کنيو آهي، هلندڙ مهيني ڊينگي وائرس جا 371 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن،

جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ 26 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ۾ 20 ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ 6 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هلندڙ مهيني رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 267،  مٽياري ۾ 68، حيدرآباد ۾ 14، ٿرپارڪر ۾ 18، ڪشمور، گهوٽڪي، بدين ۽ سکر ضلعن ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جڏهن ته مهيني اندر 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڊينگي جي مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صحت کاتي جي لاڳاپيل اختيارين پاران ڪي ايم سي اختيارين کي خط لکي شهر ۾ بيٺل پاڻي ۽ تعميراتي عمارتن وٽ موجود پاڻي وارن هنڌن تي ڦوهارو ڪرائڻ ۾ مدد طلب ڪئي وئي آهي.

صحت کاتي خط  ۾ چيو آهي ته ڦوهاري لاءِ ضلعي سطح تي ٽيمون سندن حوالي ڪيون وڃن ۽ گھربل مشينري به ڏني وڃي جيئن ڦوهارو ڪرائي ڊينگي جهڙي خطرناڪ مرض تي ضابطو آڻي سگھجي. ذريعن وٽانم معلوم ٿيو آهي ته گلشن اقبال، ڪورنگي، اورنگي ٽائون، سائيٽ ايريا ۽ ٻيا علائقا ڊينگي سبب هر سال متاثر ٿيندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊينگي تي ضابطي لاءِ  ڦوهاري واريون ننڍيون وڏيون 50 کان وڌيڪ مشينون خراب پيل آهن،

جنهن ڪري صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڪراچي شهر ۾ ڦوهاري وارو ڪم ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته ڊينگي مڇر جي موجودگي وارن هنڌن بابت صحت کاتي جي اختيارين پاران ڪا آگاهي مهم به ناهي هلائي وئي، جنهن ڪري برساتن بعد نومبر مهيني تائين ڊينگي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ جو امڪان آهي.