ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ سستن گھرن واري پراجيڪٽ جي رجسٽريشن في ۾ گھٽتائي جو فيصلو، بورڊ آف روينيو جي اختيارين تفصيلي تجويزن سنڌ حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏيون، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب بورڊ آف روينيو جي اختيارين پاران سستن گھرن جي رجسٽريشن في ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ پنهنجون تجويزون سنڌ سرڪار کي اماڻيون آهن، تجويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 10 کان 99 لک رپين جي گهرن جي رجسٽريشن في ۾ 10 هزار تائين گھٽتائي ڪئي وڃي. سنڌ سرڪار ڏانهن اماڻيل تجويزن ۾ ناڻي کاتي جي تجويزن کي به شامل ڪيو ويو آهي، ناڻي کاتي جي تجويزن موجب 10 لک تائين واري گهر جي في ۾ 1500 ۽ 10 کان 50 لک تائين 5 هزار ۽ 50 لک کان وڌيڪ تي10هزار گھٽتائي ڪئي وڃي، بورڊ آف روينيو پاران به سنڌ سرڪار کي سفارش ڪئي وئي آهي ته ناڻي کاتي جي تجويزن تي عمل ڪيو وڃي. بورڊ آف روينيو جي اختيارين اهو پڻ لکيو آهي ته ناڻي کاتي جي تجويزن تي عمل ڪرڻ سان آمدني ۾ ساليانو 10 ڪروڙ رپين جي گھٽتائي ٿيندي.