سنڌ واسي تعليمي ادارا اڻڄاتل مُدي تائين بند رکڻ خلاف سراپا احتجاج

0
351

ڪراچي (نمائندن وٽان) تعليم کپي، تالا نه کپن، سنڌ واسي تعليمي ادارا اڻڄاتل مُدي تائين بند رکڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھن، شاگرد ۽ والدين حڪومتي فيصلي خلاف رستن تي نڪري آيا، مٽياري، ٺري ميرواهه، پنو عاقل، دوڙ، ڏهرڪي،  ڪشمور، ڪنڊيارو ۽ وارث ڏنو ماڇي سوڌو مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز بند رکڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

سوشل ميڊيا تي به لڳاتار تعليمي ادارا بند ڪرڻ خلاف سخت ردعمل اچي رھيو آھي، ٽوئيٽر تي سَيوَ ايجوڪيشن آف سنڌ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آھي، تعليمي ادارا بند رکڻ وارو حڪومتي فيصلو تعليم دشمني قرار ڏنو ويو آھي، سنڌ سرڪار کان ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کولي ٻارن جي تعليم بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ اسڪول  وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان!