ڪراچي: سنڌ سرڪار ربيع واري مند کي 2 هفتا گذرڻ باوجود ڪڻڪ خريداري جو صرف 45 سيڪڙو ٽارگيٽ پورو ڪري سگهي، ڪابينا اجلاس ۾ فارم 7 واروشرط ختم ڪيو ويو، خوراڪ کاتو هاڻ ننڍن آبادگارن سان گڏ واپارين توڙي وڏن زميندارن کان به ڪڻڪ خريد ڪري سگهندو، ڪابينا جي اهڙي فيصلي سان ننڍن آبادگارن کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ صوبائي وزير هريرام ڪشوري بريفنگ ڏيندي چيو ته پهرين اپريل کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي آهي، سرڪار پاران ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ 14 لک ٽن هو، جنهن مان صرف 45 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪري سگهيا آهيون، ڪابينا خوراڪ کاتي جي تجويز جي منظوري ڪندي باردانو حاصل ڪرڻ لاءِ پاس بوڪ يعني فارم 7 جي شرط کي ختم ڪري ڇڏيو، خوراڪ کاتي کي 2600 پي پي بيگز ( پلاسٽڪ جا ڪٽا ) خريد ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي.