سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي نه آهي، توهان رڳو اين ايڇ اي جا روڊ ڏٺا آهن: وڏو وزير

0
29

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي نه آهي، توهان رڳو اين ايڇ اي جا روڊ ڏٺا آهن، ٺٺو، نوابشاهه، ٽنڊو آدم، ٺٽو حيدرآباد ۽ سامارو عمرڪوٽ روڊ ڏسندا ته توهان کي سنڌ نظر ايندي

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ويزن بابت تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ توهان کي اسڪرين تي نقشن جي مدد سان سنڌ جو دورو ڪرائيندس، اسان مٿان تنقيد اجائي ڪئي پئي وڃي

 وڏي وزير سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم هال ۾ لڳل اسڪرين تي سلائيڊز، وڊيوز ۽ نقشن جي مدد سان مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني، تقريب ۾ سول سوسائٽي، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ۽ ميڊيا جي ٻين ادارن جي نمائندن جي شرڪت

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ ايئرپورٽ، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن سميت اسان جيڪي ڪم ڪيا اهي ڪنهن به نه ڪيا آهن، ٿر اهو علائقو آهي جيڪو پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو، آبپاشي نظام جي بهتريءَ لاءِ به حڪومت وڏو ڪم ڪيو آهي

هن چيو ته ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، ڄامشورو، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بهترين پاليسين سبب رڳو ننگر پارڪر ۾ 4 ارب روپين جا بصر لٿا آهن، ٿر جي مائيننگ پراجيڪٽس ۾ 71 سيڪڙو مقامي ماڻهو ڪم پيا ڪن