سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) وزيراعظم پاران سنڌ لاءِ 446 ارب جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان، عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جو ٻيٽ اجايو پيا آهن، سنڌ سرڪار شهر اڏجڻ جي مخالفت ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، پنجاب ۾ وڏي مافيا سان مقابلو هو، سنڌ تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو نه مليو. سکر جي دوري تي پهتل
وزيراعظم عمران خان سکر آءِ بي اي ۾ سنڌ جي 14 ضلعن جي لاءِ 446 ارب جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ٻيٽ اجايو پيا آهن، ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ سان سنڌ ۾ ترقي جون نيون راھون کلنديون، ٻيٽن تي شھرن ٺاهڻ بابت سروي به ٿي، پرڏيھي سيڙپڪار اچڻ لاءِ تيار ھئا پر مونکي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته بعد ۾ سنڌ حڪومت ٻيٽ ڏيڻ کان ڇو انڪار ڪيو؟ جڏھن ته سنڌ حڪومت پھريان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيو. ان جو نقصان به سنڌ جي عوام کي ئي ٿيندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٻيٽن تي شھر ٺھڻ سان 49 ارب ڊالرز کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿئي ھا پر افسوس ته سنڌ حڪومت ان منصوبي ۾ رڪاوٽ وڌي آھي. اميد ڪريان ٿو ته سنڌ حڪومت ان فيصلي تي نظرثاني ڪندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقي لاءِ وسيلا ڪتب آڻڻ واري واعدي تي قائم آھي، جيتوڻيڪ اھا وفاقي حڪومت جي ذميواري ناهي پر اسان سنڌ جي غريب عوام جي زندگي تبديل ڪرڻ چاھيون ٿا، پيڪيج تحت سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. پيڪيج تحت سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي ٺھندو ۽ مواصلات جي شعبي ۾ بھتري ايندي. ھن چيو ته اسان پوري تياريءَ سان آيا آھيون ۽ سنڌ جي عوام جا اھنج ختم ڪنداسين. پنجاب ۾ به اسانجو مقابلو ھڪ مافيا سان ھو، ان ڪري سنڌ تي ڌيان نه ڏئي سگھاسين، ھاڻي نوجوان کي بنا وياج جي قرض به ڏينداسين ته جيئن پنھنچي پيرن تي بيھي سگھن. موٽروي ۽ گاج ڊيم ٺھڻ سان عوام کي وڏو فائدو ٿيندو. احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو دائرو ھڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين وڌائينداسين. مونکي سکر اچي اڄ گھڻي خوشي ٿي آھي، 25 سال پھريان جڏھن مون سياست شروع ڪئي ھئي تڏھن به سنڌ جي ماڻھن کي گهڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيندي ڏٺم ۽ اڄ به سندن مسئلا ساڳيا آھن، کين انتقامي ڪاررواين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، اسانکي حڪومت ملي ته ملڪ تي قرضن جو وڏو بار ھو، اسانجي حڪومت 35 ھزار ارب رپيا قرض جي قسطن جي ادائيگيءَ طور ڏنا آھن. اھي پيسا جيڪڏهن ملڪ جي ترقي تي خرچ ٿين ھا ته ملڪ گھڻو اڳتي ھجي ھا. وزيراعظم چيو ته سنڌ لاءِ 446 ارب جو پيڪيج مشڪل حالتن ھوندي تيار ڪيو آھي، ان پيڪيج تي ھڪ مھيني اندر عمل ٿيندي نظر ايندو. ارڙھين ترميم بعد گھڻا مالي وسيلا صوبن کي منتقل ٿي ويا آھن ان ھوندي به نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا ويندا، دفاع ۽ قرضن جي ادائيگي کانپوءِ وفاق وٽ پيسا گھٽ ٿا بچن ۽ ملڪ قرض کڻي ھلائڻو ٿو پوي. وزيراعظم چيو ته احساس پروگرام ڪورونا وبا جي ڏينھن ۾ شروع ڪيوسين. ڇو ته وبا سبب محنت ڪش ۽ ڏھاڙي ڪمائيندڙ مشڪلاتن جو شڪار ٿيا، شڪر آھي ته اسان ڀارت وانگر لاڪ ڊائون نه ڪيوسين ۽ ملڪ کي کليل رکيوسين. سنڌ جي آبادي ملڪ جي حساب سان 22 سيڪڙو آھي پر ھتان جي عوام کي 33 سيڪڙو امداد ڏني، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي مستقبل ۾ به اڪيلو نه ڇڏبو ۽ ترقي جو عمل جاري رکبو. سکر آءِ بي اي ۾ وزير اعظم عمران خان سنڌ جي 14 ضلعن جي لاءِ 446 ارب جي ميگا ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو، انھن ضلعن ۾ بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٽندو الھيار، دادو، جيڪب آباد، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، گھوٽڪي، خيرپور، نوشھروفيروز، سانگھڙ، شڪارپور ۽ سکر شامل آھن. ترقياتي رِٿا 306 ڪلو ميٽر سکر حيدرآباد موٽروي ذريعي پوري ملڪ جا مسافر فائدو حاصل ڪندا، ريلوي اسٽيشز کي اپگريڊ ڪيو ويندو، نجي سرمائيداري ايندي، مسافرن کي سھولتون ملنديون، هن چيو ته توانائي جي منصوبن ذريعي بجلي چوري ۽ خساري ۾ گھٽتائي ايندي، 30 ھزار نوان ڪنيڪشن سالانا ڏنا ويندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 ارب وصولين ۾ اضافي ٿيندو، 1490 ڪلو ميٽر انفرا اسٽريڪچر جي بحالي سان گيس جي بنا لوڊشيڊنگ جي سپلائي ممڪن ٿيندي، 160 ڳوٺن کي گيس جي فراھم ٿيندي، جنھن مان 5074 گھر فائدو حاصل ڪندا، نئين گاج ڊيم مان 28800 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، اڪيل اگني لوپ بند جي مضبوطي تاريخ ماڳ موهن جو دڙو کي مستحقم بڻائڻ جو سبب بڻجندي، ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام تحت 104617 شاگردن کي تربيت ڏني ويندي، جڏھن ته 52 سيڪڙو جي ھائير ايجوڪيشن ڪمشن تائين پھچ ممڪن ٿيندي، 130000 نوجوانن 35000 شاگردن کي راندين جون سھولتون مھيا ڪيون وينديون، 14 پاسپورٽ آفيسن کي اپگريڊ ڪري 2 لک ماڻھن کي پاسپورٽ جي حاصلات لاءِ سھولت ڏني ويندي. اِن کان اڳ وزير اعظم جي نوجوان پروگرام تحت 1000 نوجوانن کي 4.8 ارب رپيا ڏيڻ واري اسڪيم جو افتتاح ڪندي نوجوانن ۾ چيڪ پڻ تقسيم ڪيا. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي چونڊيل نمائندن، پارٽي اڳواڻن ۽ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.