ڄام شورو(رپورٽر) نامياري اديب، مُحقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. ادبي بورڊ ۾ به سندس خدمتون نمايان رهيون، هن پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق ڪم ڪري ثابت ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي علمي ميراث آهي، ان کي ڪنهن لابيءَ جي ضرورت نه آهي. ڊاڪٽر صاحب نه ڪنهن جي فرمائش تي ڪتاب شايع ڪيا نه وري اشاعت کان روڪيا. مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  چيو ته سندس دور ۾ علم ادب، توڙي تاريخ ۽ تحقيق تي نهايت اهم ڪتاب شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين، شاعري يا ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ وارا ته ڪافي ماڻهو آهن پر ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان خالص علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا بنهه گهٽ ماڻهو آهن. ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر هو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻولي ءَ جي ادبي تاريخن جي حوالي سان انتهائي وڏو نالو آهي.