سنڌوءَ جي پاڻي ٺٽي جي ڪچي واري ٻيلن سميت 70 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، حفاظتي بندن تي دٻاءُ، لڏپلاڻ

0
394

ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ سنڌوءَ جي وچولي ٻوڏ جي 3 لک 77 هزار ڪيوسڪ کان مٿانهين وهڪري سموري ڪچي واري علائقي جي مختلف ٻيلن سميت وڌيڪ 70 کان مٿي ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

سوين خاندان کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهڻ تي مجبور، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين پاسي سنڌو درياءَ جي وچولي ٻوڏ واري 3 لک 77 هزار ڪيوسڪ کان مٿانهين  وهڪري ٺٽي جي مڪمل ڪچي واري علائقي کي پاڻي هيٺ آڻڻ سان گڏ ضلعي جي ٻيلن جراڙ ، هيلايا ، شاھ لونڪو ، ٻائو پورنداس ، ڳاڙهڪو ، حيات ڳاهو ۽ ٻين ٻيلن کي پڻ پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي ۽ گھوڙاٻاري تعلقي جي 8 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ، يونين ڪائونسل ٽنڊو حافظ شاھ ، سونڊا ، فقير جو ڳوٺ ، ٻجورا ، جناڻ ، ڏوماڻي ، گليل ۽ انڊو جي وڌيڪ 70 کان مٿي ڳوٺن کي پڻ دريائي ٻوڏ جي وهڪري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي

 ڳوٺن جي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري هتان جي متاثر سوين خاندانن پڻ پنهنجي مدد پاڻ  لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌوءَ جي حفاظتي بندن ، سونڊ هيلايا بند ، پي بي بند ، شهيد دولھه درياءَ خان پل ۽ بي يو گليل حفاطتي بندن ۽ ٻين مٿانهين وارن هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناهون حاصل ڪري بي يارو مددگار ويٺل آهن، جتي پڻ ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۽ پريشانين ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿي ويو آهي

ھي به پڙھندا

ميهڙ شهر کي ٻوڏ جو خطرو برقرار، گاجي کھاوڙ ڀرسان ڌامراھ واھ کي مختلف ھنڌن تي 3 گھارا

جڏهن ته سنڌوءَ جي وچولي ٻوڏ جي وڏي وهڪري بگھاڙ موري ويجھو پڻ درگاھ سخي جميل شاھ ڏاتار گرناري جي تاريخي چلي تي لاڳيتو دٻاءُ برقرار رکندي هتان جي پراڻي قبرستان جي وڌيڪ وڏي حصي کي پڻ  لوڙهي سوين قبرون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ دريائي چاڙھ توڙي کاڌ سبب هتان جي ڪيترن ئي آبادگارن جي پوکيل ڪيلن جي فصلن کي لوڙهي ڇڏيو آهي

۽ هتان جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ لالا ميمڻ ، سومار شيخ ، جمن ولهاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پڻ خوف وچان لڏپلاڻ ڪري حفاظتي بند تي پناهون حاصل ڪيون آهن، ٻئي پاسي لاڳيتي پاڻي جي وڌندڙ وهڪري گھوڙاٻاري تعلقي جي حفاظتي بندن بي يو گليل ۽ بي يو انڊو جي ڪيترن حصن سان پڻ ٽڪرائجي بندن تي ڌٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي

جڏهن ته درياءَ جي تيز وهڪري ڪينجھر علي بحر ويجھو سونڊا هيلايا حفاظتي بند طرف سڌو رخ رکندي پڻ هڪ ئي وقت سنڌو ءَ جي حفاظتي بند سميت آر بي اوڊي جي بند تي لاڳيتو دٻاءُ برقرار رکڻ سان گڏ شهيد دولھه درياءَ خان پل جي کاٻي پاسي سولنگي ڳوٺ ڀرسان درياءَ جي رخ موڙڻ لاءِ اسپرس بند جي هلندڙ ڪم کي ٻوڏ جي تيز وهڪري مڪمل طور تي لوڙهي ڇڏيو آھي

پاڻي تيزي سان اڳتي وڌي ٺٽو سجاول روڊ سان ٽڪرائجي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري ٺٽي ضلعي ۾ سنڌوءَ جي لاڳيتي وڌندڙ چاڙھ ۽ ڪيترن ئي حفاظتي بندن تي ڌٻاءَ سبب پڪي وارن علائقن جي رهواسين ۾ پڻ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

ھي به پڙھندا

آخري ڊفينس لائين خدا واهه ٽٽڻ بعد خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو