سامونڊي طوفان: مٺي ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جون موڪلون رد

0
255

مٺي: موسميات کاتي پاران 17 کان 20 مئي تائين عربي سمنڊ ۾ سامونڊي سائيڪلون اچڻ سبب اڳواٽ تياري ڪرڻ سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو پاران لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جون موڪلون رد ڪندي چيو ويو آهي ته ڪو به آفيسر بغير اجازت جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏي. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر گڏجاڻي دوران چيو ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس مٺي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو فون نمبر 0232920667 آهي جنهن تي پڻ هنگامي صورتحال ۽ لاڳاپيل مسئلن جي حل بابت رابطو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته لاڳاپيل ادارا هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪانٽيجينسي پلان جوڙي انتظامات مڪمل ڪن. هن چيو ته سامونڊي سائيڪلون اچڻ ڪري ٿرپارڪر ضلعي جا بيراجي علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا ان ڪري انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ اتي گهربل انتظام اڳواٽ مڪمل ڪيا وڃن.