سال 2021ع الوداع، نئين سال جو دنيا ۾ جشن،آتشبازي، نيوزيلينڊ ۾سڀ کان پهرين رنگ به رنگي تقريب

0
185

ڪراچي (م ڊ) سال 2021ع جو آخري سج لهي ويو، نئين سال 2022ع جي آمد تي پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ جشن، آتشبازي ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون، نئين سال روايت موجب سڀ کان پهرين نيوزيلينڊ ۾ اک کولي، نيوزلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ رنگ به رنگي آتشبازي ۽ لائيٽ شو سان نئين سال جي شروعات ڪئي وئي، نئون سال سڀني کي مبارڪ هجي، سڀني جي زبان تي هڪ ئي دعا رهي، نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي آجيان، اسڪائي ٽاور مختلف رنگن سان رڱجي ويو،

آتشبازي جو خوبصورت مظاهرو ڪيو ويو، نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ دنيا جو اهو پهريون وڏو شهر آهي، جتي نئين سال 2022 جي آجيان ۽ ماضي جو قصو بڻجندڙ سال 2021 کي الوداع ڪيو ويو. نئين سال کي مسڪراهٽن ۽ اميدن سان ڀليڪار چوڻ جي لاءِ هزارين شهري آڪلينڊ جي مشهور اسڪائي ٽاور تي جمع ٿيا، جتي سال جي شروعات ٿيندي ئي خوبصورت آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.

سال 2022 کي ڀليڪار چوڻ جو منظر هزاين ماڻهن ڏٺو. نئين سال کي خوش آمديد چوڻ جي لاءِ آڪلينڊ ۾ سموري دنيا جي مختلف ملڪن مان به ماڻهو هتي پهچندا آهن.

جڏهن ته آسٽريليا ۾ سڊني هاربر تي به نئين سال جو جشن ملهايو ويو، پاڪستان ۾ به 2022 جي آجيان جو جشن ڪيو ويو،  لاهور ۾ آتشبازي جي اجازت نه ملي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي فائرنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستا بند نه ٿيندا، اضافي نفري مقرر ٿيندي.