نورا فتحي ڪورونا جو شڪار

0
386
نورا فتيحي جي شاندار پرفارمنس، ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو
نورا فتيحي جي شاندار پرفارمنس، ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) ڪينيڊا ڄائي بالي ووڊ اداڪارا، ڊانسر ۽ ماڊل نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي پيغام ۾ نورا فتحي ٻڌايو ته مان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهيان ۽ هاڻ قرنطينه ۾ آهيان.

هن ٻڌايو ته وائرس جا مون تي شديد اثر پيا آهن، جنهن سبب ڪجهه ڏينهن کان بستري تي آهيان، هن وقت ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهيان ۽ صحتياب ٿي رهي آهيان.

اداڪارا مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي احتياط ڪن ۽ ماسڪ ضرور پائن، ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجندو آهي ۽ هر ڪنهن تي مختلف انداز ۾ اثر ڇڏيندو آهي، مون تي ان جا سخت اثر پيا آهن،

اهو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري احتياط ڪيو، ڇو ته صحت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.