رحيم يار خان ۾ مندر تي حملو، چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو

0
281
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پنجاب جي چيف سيڪٽري ۽ آءِ جي کي سڀاڻي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين رميش ڪمار کي به سڀاڻي طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ جي پي آر او طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين ايم اين اي رميش ڪمار چيف جسٽس سان ملاقات ڪري رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي واري واقعي بابت آگاهه ڪيو، چيف جسٽس طرفان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، مندر تي حملي بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي.
وزيراعظم عمران خان پڻ رحيم يار خان ۾ مندر تي ٿيندڙ حملي جو نوٽيس ورتو آھي، سوشل ميڊيا تي رحيم يار خان ۾ واقع مندر تي حملي جي ھڪ وڊيو وائرل ٿي رھي آھي، رپورٽس موجب مندر تي حملي جو واقعو رحيم يار خان جي ڳوٺ بھونگ ۾ پيش آيو، وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون شھباز گل پاران چيو ويو آھي تھ وزيراعظم آفيس ان افسوس ناڪ واقعي جو نوٽيس ورتو آھي. اقيلتن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو.