ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفي ڪمال چيو آهي ته عوام جون محروميون ختم ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪردار جي طاقت آهي، پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته اين اي 249 تي اسين چونڊ ۾ حصو وٺون، انهي تڪ جا ماڻهو تباهه حالي سبب پريشان آهن، ڪالهه اين اي 249 تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ ريلي ۽ ڪارنر ميٽنگز کي خطاب ڪندي هن چيو ته لساني سياست ماڻهن کان پاڻي، تعليم، صحت جهڙيون بنيادي سهولتون به کسي ورتيون پر اسان سهراب ڳوٺ ۾ پختونن جو جلسو ڪيو، جتي مهاجرن ۽ پٺاڻن هڪٻئي تي گلن جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي پارٽي جي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.