دولتپور صفن ڀرسان هٿياربندن هٿان نينگري مبينا اغوا، احتجاج

0
190
دولتپور صفن ڀرسان

دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ڀرسان علي آباد ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ديھ سعيد ڪنڊو ۾ انجنيئر عبدالرزاق راھو جي ٽيوب ويل مشين ڀرسان مٺي شهر کان مزدوري سانگي آيل ڀيل برادري جي نينگري مبينا اغوا ٿي وئي

ان سلسلي ۾ نينگري جي پيءُ ليلو ڀيل، ماءُ ليلان ۽ چاچو مھرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڳوٺ قاسم راهو جو رهواسي حسن پٽ علي راهو ۽ ساڻس ٻيا اڻڄاتل ٻه ھٿيار بند رات اسان جي جھوپڙين ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي اسان جي 13 سالن جي نياڻي ثمينا ڀيل کي اغوا ڪري ويا آهن

ھنن مطالبو ڪيو آهي ته ننيگري کي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته وارثن پاران علي آباد ٿاڻي تي حسن راهو خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي

علي آباد ٿاڻي جي وڏي منشي هارون رند ٻڌايو ته واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي ۽ معاملي جي جاچ ڪريون پيا